15 ہفتہ , دسمبر 2018

اسحاق ڊار شهزاد اڪبر جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) هن خلاف ڪوڙي رپورٽ پيش ڪئي آهي، هنن کي ائين ڪندي شرم اچڻ گهرجي، وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر جا منهنجي خلاف لڳايل الزام بلڪل غلط آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ميڊيا ذريعي مون سان ڳالهائي آئون کيس غلط ثابت ڪندس. هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي پاڪستان آرگنائزيشن فار اڪنامڪ ڪارپوريشن اينڊ ڊيولپمينت ( او اي سي ڊي) جي ڪوشش ناهي ڪئي پر مسلم ليگ ن جي ڪابينا کي ان ڳالهه جو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته اسان پاڪستان کي ان اداري جو ممبر بڻايو. تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته حڪومت ايندي ئي عوام تي رڳو مهانگائي بم ڪيرايو ۽ ملڪ تي قرض چاڙهيا. هن چيو ته نيب هن وقت سياسي انتقام وٺي رهي آهي، منهنجي خلاف جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، آئون ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهيان ڇو ته مون ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته مون ملڪ جي خدمت عبادت سمجهي ڪئي، هڪ هڪ پيسي جو حساب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي حوالي سان هن چيو ته تحريڪ انصاف کي عوام جي مٿان بار وجهڻ واري ڪنهن شئي کي قبول نه ڪرڻ گهرجي.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي چيو ته اسحاق ڊار کي شرم اچڻ گهرجي، اِهي ملڪ مان ڀڄي ويا آهن ۽ انهن ۾ ايتري همت آهي جو هي ميڊيا جي آڏو اچي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے