15 ہفتہ , دسمبر 2018

ايف آءِ اي جي سادي سوالنامي جو جواب ڏيندس: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايف آءِ اي اختيارين کان سندس موقف ڄاڻڻ ويو هيس. ايف آءِ اي اختيارين سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايف آءِ اي اختيارين سان هڪ ڪلاڪ جي ملاقات ٿي جنهن ۾ هڪ سوال نامو مليو آهي. وفاقي وزير چيو ته سادو سوال نامو آهي جنهن جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ڪارڪن جي حيثيت سان فلاحي ڪمن لاءِ حڪومتي منظوري سان پئسا گڏ ڪيا هيا. ميڊيا رپوٽن موجب مخالف ڌر کانپوءِ حڪومتي وزيرن جون به پيشيون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن . قانون ۽ انصاف وارو وزير فروغ نسيم ۽ انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي وارو وزير خالد مقبول صديقي ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيا. بيرسٽر فروغ نسيم ۽ خالد مقبول صديقي تي الزام آهي ته انهن خدمت خلق فائونڊيشن جي فنڊ ۾ ڳري رقم جمع ڪرائي هئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي طرفان نوٽس ڏنل ماڻهن خدمت خلق فائونڊيشن ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي هئي. ذريعن جي موجب اُهي پيسا ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ تي خرچ ڪيا ويا. ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 11 نومبر جي ڏينهن 726 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا هيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے