15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ: وزيراعظم اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي: قمر زمان ڪائرا

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته الله ڪري ڪوڙن اڪائونٽن جو معاملو اصلي هجي ۽ سڄي رقم واپس اچي، حڪومت کي گهرجي ته رڳو دعويٰ نه ڪري مسئلن کي حل ڪري ڏيکاري.

 لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان حڪومت کي احتساب جو عمل جاري رکڻ جو چيو آهي پر سندس جهالت جو عالم اِهو آهي ته ڪجهه وزير سپورٽ گهري رهيا آهن ۽ ڪجهه پٽڪو لاهي رهيا آهن.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي خواهش تي ڪنهن کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي حڪومت وٽ جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ثبوت آهن ته ان کي گرفتار ڪري دعوائن سان ڪم نه هلندو.

قمر زمان ڪائرا جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اين آر او ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر هن حڪومت جي حيثيت ناهي ته ڪنهن کي اين آر او ڏئي سگهي، وزير اعظم اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي هو جتي به ويندو اُتي ساڳي ئي تقرير ڪندو…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے