14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ:کپرو: جمعي شاخ جي آبادگارن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو

کپري ۾ جمعي شاخ جي آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

کپرو -عمرڪوٽ روڊ تي فتح موڙ اسٽاپ وٽ جمعا شاخ جي آبادگارن ستار مري ، نواب سميجو، علي حسن مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي آبادگارن چيو تھ  15 ڏينهن کانپوءِ  سندن پاڻي جو وارو اچي ٿو ، جڏهن تھ  آبپاسي عملدارن پاران  پاڻي گهٽ ڇڏيو وڃي ٿو جنهن سبب فصل  سڪي  تباهه ٿي ويا آهن ۽ آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

آبادگارن چيو تھ پاڻي نھ اچڻ سبب سندن سونا سنگ اپائيندڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

هنن آبپاشي کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو تھ  شاخن ۾ سندن پوري حصي جو پاڻي ڏئي کين معاشي قتلا عام کان بچايو وڃي.

ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي  ايس ڊي او  شاهد ميمڻ ٻڌايو ته مٿان کين  75 هزار ڪيوسڪ جي جاءِ تي صرف 35 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي ان لاءِ  پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي.

هن چيو تھ آبپاشي جي اعليٰ اختيارين درخواست ڪئي آهي ، پاڻي جو مسئلو تمام جلد حل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے