15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ:نواب ولي محمد: صحافي غريب ماڻهن جي دانهن ايوانن تائين پهچائن ٿا: محمد هاشم ٻگهيو

سعيد ڪنڊو جي ضلع ڪائونسل جي ميمبر محمد هاشم ٻگهئي چيو آهي تھ صحافي غريب ماڻهن جي دانهن ايوانن تائين پهچائن ٿا ۽ هنن هميشھ غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.

نواب ولي محمد  پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي محمد هاشم ٻگهئي چيو تھ   هن دور ۾ حق سچ جي صحافت ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.

هن چيو تھ نواب ولي محمد جي صحافين دولتپور شاخ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف هزارين آبادگارن جي جياپي جي جنگ وڙهي آهي هو  کين سلام پيش ڪري ٿو.

سندس چوڻ هو تھ  صحافي قلم سان نھ رڳو  لکن ٿا پر مسئلن جي حل لاءِ ڪردار پڻ ادا ڪن ٿا.

ضلعي ڪائونسل جي ميمبر چيو تھ  سهولتن جي کوٽ هجي يا شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سميت  پاڻي صحت، تعليم ۽ روڊن رستن جي معاملن تي ميڊيا جي مورچي تان آواز اٿاري مثبت تبديلي آندي آهي.

هن چيو  جيڪڏهن عوام سجاڳ ٿي پوي ته سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو،  اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دولتپور شاخ جي آبادگارن جي چهري تان وکريل مرڪون واپس موٽنديون ۽ هي علائقو خوشحال ٿيندو…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے