23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ:چوهڙ جمالي:شاهبندر تعلقي جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سنڌ ڪليري اتحاد جو احتجاج

چوهڙ جمالي  ۾ شاهبندر تعلقي جي پڇڙيءَ  ۾ پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سنڌ ڪليري اتحاد ۽ ساحلي پٽي جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ساحلي پٽي جي رهواسين  احمد ڪيلري ، محمد رفيق ڪليري ،  کمن خاصخيلي ، علي اڪبر پٺاڻ ،  الله جڙيو ڪلهوڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي پر پڇڙيءَ ۾  پاڻي نه ڇڏيو ويو آھي.

هنن چيو تھ  پڇڙيءَ ۾ پاڻي نھ اچڻ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چاپايو مال پڻ اڃ ۾ سڪي پاهه ٿي ويو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن محمد حسن ميمڻ بااثر زميندارن کان رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ  2011ع کان آبپاشي عملي پاران راڄن شاھ شاخ کي 3 فوٽ جو ڌڪو لڳايو ويو آھي جنهن سبب پاڻي پڇڙي ۾ گهٽ اچڻ لڳو آهي.

هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته ماڇڪي نالي جي ٽيل آرڊي 157 تي قائم دڪو ختم ڪري لڳايل غير قانوني لفٽر مشينون هٽايون وڃن ۽ پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون : اٺن جي سوار الاهي بخش چنو جي چوٿين ورسي تي سوارن ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

سڳيون ڀرسان درگاھ سيد عالم شاھ بخاري تي مشهور اٺن جي سوار الاهي بخش چنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے