23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ:نبي پاڪ جي آمد جي ڏهاڙي کي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ تياريون جاري

*نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جي آمد جي ڏهاڙي کي مذهبي جوش ۽ جذبي سان  ملهائڻ لاءِ  تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن.

 دنيا جي هر خطي ۾ رهندڙ ماڻهو سرور ڪائنات جي آمد جي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ ۾ رڌل آهي

جيئن جيئن 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو ويجهو اچي رهيو آهي تئين تيئن ان جي تيارين ۾ به تيزي اچي رهي آهي.

ننڍن وڏن شهرن ۾ ساون جهنڊن ۽ اسٽيڪرن جا دڪان لڳي ويا آهن جتي ماڻهن جي وڏي پيهه لڳل آهي.

روڊن، رستن ۽ عمارتن توڙي گهرن کي سينگارڻ جو سلسلو به جاري آهي ، عمارتن تي رات جي وقت مختلف رنگن جا بلب روشن ڪري  ماحول کي خوبصورت بڻايو پيو وڃي .

ٻئي طرف مسجدن ۾ مجلسون منعقد ڪري رحمت العالمين جي زندگي تي روشني وڌي پئي وڃي ۽ سموري ڪائنات تائين نبي آخر الزمان جو امن، پيار ۽ خوشحالي وارو پيغام پهچايو پيو وڃي

هوڏانهن 12 ربيع الاول جي حوالي سان سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪرڻ لاءِ اانتطام مڪمل ڪيا پيا وڃن …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون : اٺن جي سوار الاهي بخش چنو جي چوٿين ورسي تي سوارن ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

سڳيون ڀرسان درگاھ سيد عالم شاھ بخاري تي مشهور اٺن جي سوار الاهي بخش چنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے