ڳاڙهي ۾ گهارو ٽائون ڪميٽي چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ۽ شهرين تي پوليس پاران تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ خلاف احٽجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شهرين ۽ ڪارڪنن علي محمد مالهيو، مٺو لاشاري، غلام علي شاھ ، محبوب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڪيٽي بندر ۽ ڳاڙھو اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ گهارو ٽائون چيرمين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي.
هنن چيو تھ چيئرمين خلاف احتجاج ڪرڻ تي گهارو پوليس شھرين تي وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ شھرين مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري چيئرمين کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دا.ئرو وسيع ڪيو ويندو…………..