11 منگل , دسمبر 2018

ڪراچي ۾فوتي ٻارڙن جي ڪيس ۾اڳڀرائي نه ٿي، ريسٽورينٽ مان 3 سال پراڻو گوشت هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ٻن معصوم ڀائرن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، ٻارڙن جي ماءُ بابت خانگي اسپتال جي رپورٽ ۾ڪجهه به نڪتو، پوليس شڪ جي بيناد تي ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم ذريعي ورتل جزا لاهور  ليبارٽري کڻي وئي، رسٽورينٽ مان 2014 ۽ 2015 ۾ خريد ڪيل گوشت هٿ اچڻ جو انڪشاف، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي نه پهتا، پوليس سرڪاري مدعيت ۾ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪري ورتا تفصيل موجب 3 ڏينهن اڳ ڪراچي جي زمه زمه واري علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ مان زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻن ٻارڙن واري ڪيس جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته فوتي ٻارڙن جي والدين ڪيس داخل نه ڪرايو، پوليس سرڪاري فردياد ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال داخل ٻارڙن جي ماءُ هڪ دڪاندارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دڪاندار کي عورت سامهون آندو ويو ان جي دڪان تان ٻارڙن ٽافيون ۽ فرائيز وٺي کاڌا هئا، عورت کي اسپتال ۾ ان دڪاندار جون تصويرون ڏيکاريون ويون، جنهن تي هن کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته پوليس پلي لينڊ، ريسٽورنٽ جي ملازمن ۽ هڪ ڊرائيور جڪا بيان وتا آهن، ڊرائيور جي بيان ۽ ريسٽورنٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي ٽائمينگ کي ميچ ڪيو پيو وڃي، جاچ آفيسر موجب مجموعي طور تي 30 هنڌن تان سمپل هٿ ڪيا ويا آهن، اهي ٻارڙن جي ڪمري، ريسٽورنٽ، گاڏي ۽ ٻين هنڌن تان حاصل ڪيا ويا آهن،  پوليس ذريعن موجب نينگرن جو پيءُ يا ڪو ٻيو وارث اڃان تائين ڪيس داخل ڪرائڻ ناهي آيو، جيڪڏهن والدين ڪيس داخل نه ڪرايو ته پوليس سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪندي، هوڏانهن پوليس ذريعن اهو به ٻڌايو ته ٻارڙن جا پوسٽ مارٽم ذريعي ڪڍيل جزا ڪراچي جي هڪ مشهور خانگي اسپتال مان ڪرايا ويا آهن، جن جي رپورٽ تسلي بخش نه آهي جنهن ڪري پوليس اختيارين اهي جزا لاهور جي هو مشهرو ليبارٽري مان ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي اهلڪار اهي جزا کڻي لاهور پهچي ويا آهن، جڏهن ٻارڙن جي ماءُ مان ورتل ٽيسٽ به ڪليئر آئي آهي هوڏانهن سنڌ فوڊ اٿارٽي جي زم زمه واري علائقي ۾سيل ڪيل ريسٽورنٽ جي گدام تي ڇاپي دوران2014 ۽ 2015 ۾ خريد ڪيل گوشت هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ملازم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي ابرار شيخ ٻڌايو ته ريسٽورنٽ جي گدام مان سامان منتقلي جو ڳجهو اطلاع مليو جنهن تي ڪارروائي ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته هٿ آيل گوشت ڳئون ۽ ٻڪر جو آهي، جيڪو 25 ڪلو گرام کان وڌيڪ آهي، هن ٻڌايو ته هٿ آيل گوشت ۾ بدبوءِ هئي ۽ اهو صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار هو، ان گوشت تي لڳل ليبل ذريعن خبر پوي ٿي ته اهو گوشت 2014 ۽ 2015 ۾ خريد ڪري فريز ڪيو ويو هو، جنهن کي استعمال ڪري ماڻهن کي کارايو پئي ويو، ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي ٻڌايو ته ريسٽورنٽ تي ڇاپي دوران اسان اهو نه ٻڌايو ويو هو ته ڪو هن ريسٽورنٽ جو اسٽور روم به آهي، گوشت منتقل ڪندڙ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته گوشت سان گڏ ٻيون ڪيتريون ئي مدخارج شيون مليون آهن انهن بابت نه جاچ ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ ريسٽورنٽ مان 17 شين کي چيڪ ڪري انهن جا سمپل ليباٽري موڪليا ويا آهن جن جي رپورٽ هڪ هفتي اندر اچي ويندي.

آغا سراج دراني فوڊ اٿارٽي جي نگراني لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪراچي ۾ کاڌو کائڻ بعد ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت فوڊ اٿارٽي جي نگراني لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر سهراب سرڪي، سنجي پارواڻي ۽ گهنور علي اسراڻ شامل آهن، ڪيمٽي فوڊ اٿارٽي کي کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي، ڪميٽي اٿارٽي  جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن بابت مشورا به ڏيندي، ڪميٽي جي ميمبر سنجي پارواڻي جو چوڻ هو ته ڪميٽي سنڌ فوڊ اٿارٽي کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان باربار درخواستون ڏيڻ باوجود قيدين جا تفصيل نه ٿو ڏي: شاهه محمود

اسلام آباد(بيورو) افغانستان طرفان پاڪستان کي قيدين جي تفصيل نه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے