13 جمعرات , دسمبر 2018

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به شامل ٿي وئي آهي جنهن موجب جيڪڏهن ڊيٽا ۽ معلومات جي رسائي لاءِ روشني جو استعمال ڪيو وڃي ته موجود انٽرنيٽ جي رفتار 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي ٿي. اڃا تائين معلومات جي رسائي جي لاءِ روشني جو استعمال“ براڊ بينڊ فائبر آپٽڪ” تارن ۾ ڪيو پيو وڃي، ان طريقي جي تحت روشني ۾ معلومات ڪوڊ ڪئي ويندي جنهن کي پوءِ وري ڊي ڪوڊ ڪيو ويندو آهي جنهن سان انٽرنيٽ جي رفتار متاثر ٿيندي آهي. ماهر هاورن رين  جو چوڻ آهي ته هو جنهن ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهيو آهي ان ۾ روشني تي معلومات ڪوڊ  ۽ ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو طريقي ڪار الگ آهي ان ۾ هڪ خاص قسم جي روشني استعمال ٿيندي جنهن جي بدولت انٽرنيٽ جي رفتار وڌائي سگهجي ٿي، رين جو چوڻ آهي ته صارفين ۾ اضافي جي سبب انٽرنيٽ جي رفتار برقرار رکڻ مشڪل آهي. انٽرنيٽ جي رفتار وڌائڻ ضروري آهي ۽ اها هن ٽيڪنالوجي جي ذريعي ممڪن آهي،  هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته روشني رسائي جي وڌيڪ صلاحيت استعمال ڪري انٽرنيٽ جي رفتار وڌائي وئي آهي. جاچ موجب آسٽريليا جو قومي براڊبينڊ نيٽ ورڪ تمام گهڻي جدد جي باوجود روشني جي معلومات رسائي ڪرڻ جي صلاحيت جو گهٽ حصو استعمال ڪندو آهي. جديد براڊبينڊ ٽيڪنالوجي ۾ روشني جي شعاعن جي شڪل جي لحاظ کان ات تي وڌيڪ کان وڌيڪ معلومات ڪوڊ ڪئي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018  ۾ يوٽيوب جون ٽاپ وائرل ويڊيوز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يوٽيوب 2018 ۾ پوري دنيا ۾ مشهور ۽ وائرل ٿيندڙ ويڊيو جي فهرست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے