22 جمعہ , فروری 2019

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪويت ۽ بوليويا جي درخواست تي غزه جي صورتحال تي غور لاءِ گهرايل سلامتي ڪونسل جو بند ڪمري ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسرائيلي حملن کان پوءِ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جئين ته اجلاس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال  کي منهن ڏيڻ ۽ اسرائيل کي بمباري کان روڪڻ لاءِ ڪوبه معاهدو نه ٿي سگهيو. گڏيل قومن ۾ فلسطيني نمائيندو رياض منصور چيو آهي ته سلامتي ڪونسل ناڪارا ٿي چڪي آهي ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ذميداري نڀائڻ جي اهل نه رهي آهي. غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ گذريل ڏينهن 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا جنهن سبب 2 ڏينهن دوران شهيد فلسطينون جو انگ 14 ٿي ويو هو ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي آهن. ٻئي پاسي مصر اسرائيل کان غزه ۾ فوجي ڪارروائي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. فلسطيني مزاحمت ڪارن به مصر جي ثالثي ۾ جنگ بندي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چين پهچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پنهنجي ايشيا ٽور جي ٽين ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے