12 بدھ , دسمبر 2018

شاهه رخ خان جي“الماڙي” منهنجي گهر کان وڏي آهي: عامر خان

Shah Rukh Khan's "wardrobe" is bigger than my house: Amir Khanممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان شاهه رخ خان کي پاڻ کان وڏو اسٽار قرار ڏيندي چيو آهي ته شاهه رخ جي “الماڙي” منهن پوري گهر کان وڏي آهي. اداڪار عامر خان تازي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته مان پاڻ کي اسٽار نٿو مڃان پر بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان وڏو اسٽار آهي، ان جي هر ڳالهه اسٽارن واري آهي، هو نه صرف پر ڪشش آهي پر ان جي ڪپڙن جي به چونڊ اعليٰ آهي، عامر خان ڏياري جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندي چيو ته ڏياري جي موقعي تي مونکي هڪ عام ٽي شرٽ ۽ پينٽ پاتل هئي جيڪا ڪافي پراڻي هئي، جڏهن مان شاهه رخ خان جي گهر ويس ته هن مونکي پنهنجي “الماڙي” ڏيکاري جيڪا منهنجي پوري گهر کان وڏي هئي. هن چيو ته “الماڙي” ۽ ان جا ڪپڙا سليقي سان رکيل هئ،  ان کان سواءِ شاهه رخ جا سوٽ، جوتا هر شيءَ سٺي  هئي. شاهه رخ جي “الماڙي” ڏسي مان کلندي چيو “واهه هي هوندو آهي اسٽار جو گهر” منهنجو اهڙو گهر ناهي، منهنجو سڀ ڪجهه ڪنفيوزن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فواد ۽ ماهرا جي فلم بالي ووڊ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

ڪراچي (شوبز نيوز) فواد خان ۽ ماهرا خان جي نئين فلم ”دي ليجنڊ آف دي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے