13 جمعرات , دسمبر 2018

سعد رفيق جي ڊي جي نيب لاهور خلاف درخواست، هاءِ ڪورٽ جواب طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي نيب جي ڊائريڪٽر جنرل شهزاد سليم خلاف درخواست تي اداري کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس علي باقي نجفي سعد رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم مان شفاف جاچ جي اميد ناهي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڊي جي نيب جانبدار ٿي چڪو آهي جنهن ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ويهي منهنجي اصيل تي الزام مڙهيا. وڪيل چيو ته ڊي جي نيب شهزاد سليم جانبدار رويي بابت چيئرمين نيب کي پڻ آگاهه ڪيو آهي. وڪيل جسٽس علي باقي نجفي سان مڪالمو ڪندي چيو ته گهڻو ڪجهه گهرڻ آيو آهيان جيڪو ڪجهه عدالت مان ملندو پنهنجو نصيب سمجهي کڻي ويندس جنهن تي جج باقر نجفي چيو ته اسان توهان کي اهو ڪجهه ڏئي سگهون ٿا جنهن جي اسان کي قانون اجازت ڏئي ٿو. جسٽس علي باقر نجفي وڌيڪ چيو ته اسان کي معلوم آهي ته چيئرمين پيمرا ان معاملي تي نوٽيس وٺي چڪو آهي، عدالت سعد رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ نيب کان جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے