11 منگل , دسمبر 2018

احتساب جي نالي تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: خواجه سعد رفيق

لاهور ( ويب ڊسڪ ) ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته  نيب گرفتار پهريان ڪندو آهي، ڪيس پوءِ ٺاهيندو آهي، اهڙو ئي شهباز شريف سان ڪيو ويو ۽ اهڙو ئي ڪجهه اسان سان ٿي رهيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته احتساب جي نالي تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ ڏيڍ سال کان اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، نيب جي ڪلهن تي بندوق رکي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، جيل وڃڻ کان نٿا ڊڄون، مونکي ۽ سلمان رفيق کي جيل وڃڻ ڪو فرق نه پوندو. ن ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪو پيپلز پارٽي ۽ اسان سان ٿيو اهو پي ٽي آءِ سان به ٿي سگهي ٿو، جيڪي ماڻهو آئين ۽ قانون سان هٿ چيراند ڪري رهيا آهن اهي به پڪڙ ۾ ايندا، 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ هٿڪنڊا نه هليا، هي 2018 آهي، اسان کي ڪنهن شيءَ جو ڪو به خوف ناهي. اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته هر عمل جو ردعمل هوندو آهي، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته مان ڳالهايان ٿو، ڇا ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيان؟ جيڪو ڪجهه اسان سان ٿي رهيو آهي اهو انهن سان به ٿيندو، اسان جي خلاف حڪومت نيب سان مليل آهي، مان نٿو چاهيان ته منهنجي ڳالهين سان باهه لڳي ۽ ڳالهه وڌي، جڏهن چونڊيل ماڻهن جا منهن ڪارا ۽ ڪپڙا ڦاڙيا وڃن ته پوءِ  ڳالهه وڌندي، چونڊيل نمائندن تي جوتا وسايا ويندا ته ڳالهه ختم نه ٿيندي. ياد رهي ته خواجه سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ خواجه سلمان رفيق خلاف نيب جي ٽه رڪني جاچ ٽيم پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهي آهي.  ڊي جي نيب لاهور وجهڙ ۾ ئي مختلف ٽي وي انٽرويوز ۾ ن ليگي اڳواڻن خلاف جاري انڪوائرين تي ڳالهايو  جنهن خلاف مخالف ڌر قومي اسمبلي ۾ ڊي جي نيب خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئ جنهن جي حڪومت اجازت نه ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے