17 اتوار , فروری 2019

آءِ جي بدلي ڪيس: اعظم سواتي جي آءِ ٽي کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير اعظم سواتي آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس جي آءِ ٽي  کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. رپورٽن موجب وفاقي وزير اعظم سواتي اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد تبديلي ڪيس ۾ نيب جي پراڻي هيڊ ڪوارٽر ۾ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو جتي هن بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ پوءِ واپس روانو ٿي ويو. سپريم ڪورٽ اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد جان محمد جي بدلي جي حوالي سان جي آءِ ٽي جوڙي وئي جنهن جو سربراهه ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان منگي آهي. سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي اعظم سواتي جي اثاثن جي جاچ پڙتال جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ جي آءِ ٽي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي کان به پڇا ڳاڇا ڪري چڪي آهي، ٽيم اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمين سيڪريٽري کان به پڇا ڳاڇا ڪئي. ياد رهي ته اعظم سواتي جي پٽ طرفان سندس فارم هائوس ويجهو رهيل غريب خاندان جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال خراب ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے