10 پیر , دسمبر 2018

جهانگير ترين پارٽي ڪارڪن جي حيثيت سان اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو آهي: فياض چوهاڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته جهانگير ترين پي آءِ جو ڪارڪن آهي ان ئي حيثيت سان اجلاس ۾ شرڪت ڪندو آهي جڏهن ته نواز شريف ڪهڙي حيثيت ۾ ن ليگ جو قائد بڻيل آهي؟ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته شهزاد اڪبر احتساب بابت ڪم ڪم ڪري رهيو آهي، پهريو ڀيرو ڪنهن حڪومت ۾ 5 هزار جعلي اڪائونٽن جو انڪشاف ٿيو. هن الزام هنيو ته اڳوڻي ملڪي قيادت ڪرپٽ ۽ سندن پرڏيهي ملڪن ۾ ملڪيتون هيون، پاڪستان ۾ ساليانو لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿي رهي هئي، جڏهن ڪو مني لانڊرنگ جو ذڪر ڪندو هو ته هي اقامو اڳيان آڻيندا هئا، اقامو مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو ذريعو آهي. فياض الحسن چوهاڻ جو صدر تي الزام لڳائيندي چوڻ هوته آصف علي زرداري ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهي، هن پنهنجو اهو نالو پوين 25 ورهين ۾ ٺاهيو آهي، آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ ڪرپشن جو مطلب آصف علي زرداري ۽ آصف علي زرداري جو مطلب ڪرپشن آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي سمجهائي ته هاڻ ايان علي ذريعي پيسا ٻاهر نٿو موڪلي سگهي، پيپلز پارٽي کي ” ايڪ زرداري سڀ پر ڀاري“ ئي نقصان پهچايو. سڌ سماءِ واري صوبائي وزير مشاهد الله کي ڪنهن به مقام تي بحث جو چئلينج ڪريان ٿو، سندس ڪم سڄو ڏينهن ماڻهن کي وڙهائڻ آهي، هن ٽه چار مرلي جي گهر ۽ ڪلرڪي کان سياست جي شروعات ڪئي، هو ڪنهن فورم تي بحث ڪري سندس ڪردار وائکو ڪندس.  هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عليمه خان ڪڏهن به ڪنهن سرڪاري يا عوامي عهدي تي مقرر ناهي رهي، سندس خلاف جاچ ٿي رهي آهي ته ان کي ناهي روڪيو، پرڏيهي ملڪ ۾ حلال طريقي سان به ملڪيتون ٺاهي سگهجن ٿيون، ضروري ناهي ته پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت ناجائز هجي. فياض الحسن چوهاڻ وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڪهڙي حيثيت ۾ قائد بڻيل آهي؟ جهانگير ترين پي ٽي آءِ جو ڪارڪن آهي، ان ئي حيثيت ۾ اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو آهي، ڪو ادارو ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪارڪن کي فارغ نٿو ڪري سگهي جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته جهانگير خلاف ڪيس ۾ ڪا به جان ناهي. سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته پرويز الاهي جي ويڊيو ليڪ ٿيڻ بابت ڪنهن تي الزام ناهي مڙهيو ويو، ڪنهن جي ذاتي ويڊيو ليڪ ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، ويڊيو کي پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر جي آفيس مان جاري ناهي ڪيو ويو، هڪ خاندان ۾ به زبان ڪلامي جي ڪيئي واقعا سامهون ايندا آهن، ان مطلب اهو ناهي ته خاندان تباهه ٿي ويو. هن چيو ته پرويز الاهي جي ويڊيو ليگ ٿيڻ پيمرا قانون جي خلاف هو، ميڊيا رڳو ڪنهن ايونٽ جي ويڊيو جاري ڪري سگهي ٿو، ڪنهن جي ذاتي ڪيمرا مان ٺاهيل ويڊيو هلائڻ پيمرا قانون تحت ڏوهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے