10 پیر , دسمبر 2018

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور  ڪري ورتي. صدر ميٿري پالا سري سينا 26 آڪٽوبر تي وزيراعظم رانل وڪرما سنگهي کي برطرف ڪرڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي اڳوڻي صدر مهندا راجا پاڪسا کي نئون وزيراعظم نامزد ڪيو هو. معاملو سپريم ڪورٽ پهتو ته اعليٰ عدالت گذريل ڏينهن صدر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي نئين وزيراعظم جي چونڊ تياري جا حڪم جاري ڪيا پر راجا پڪسا جي پارٽيءَ عدالتي فيصلي کي چيئلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جو اڄ اجلاس ٿيو جنهن ۾ راجا پڪسا جي پارٽي ووٽنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ايوان ۾ گوڙ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر ڪيرو جي سوريا ”وائس ووٽنگ“ جو اعلان ڪيو. ايون ۾ سخت هنگامي کانپوءِ اسپيڪر اعلان ڪيو ته راجا پڪسا پنهنجي حڪومت جي اڪثريت برقرار ناهي رکي سگهيو ۽ حڪومت ڪرڻ جو حق وڃائي ويٺو آهي. اسمبلي ميمبر راجا پڪسا جي پٽ چيو ته وزير اعظم جي چونڊ لاءِ اسپيڪر جي طريقيڪار تي اعتراض آهي، جيڪڏهن اسپيڪر وزيراعظم جي چونڊ پاڻ ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس 225 جي ايون ۾ 113 حمايت ڏيکارڻي پوندي. ٻئي پاسي برطرف ڪيل وزيراعظم وڪرما سنگهي جو چوڻ آهي ته هن 122 ميمبرن جي صيحيحن سان گڏ راجا پڪسا خلاف عدم اعتماد واري رٿ اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جيڪڏهن ڪنهن کي اسپيڪر جي فيصلي تي اعتراض آهي ته اهو ووٽنگ ڪرائي سگهي ٿو. ياد رهي ته سريلنڪن صدر طرفان 26 آڪٽوبر تي وزيراعظم رانل وڪرما سنگهي کي برطرف ڪرڻ ۽ سندس جاءِ تي اڳوڻي صدر مهندا راجا پڪسا کي نئون وزيراعظم بڻائڻ جي اعلان کانپوءِ ملڪ سخت بحران کي منهن ڏئي رهيو هو. برطرف وزيراعظم وڪرما سنگهي سرڪاري رهائش گاهه ڇڏڻ ۽ استعفيٰ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو جڏهن ته راجا پڪسا وزارت اعظميٰ جون ذميواريون سنڀاليندي رياستي معاملا ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian troops martyr 95,238 since Jan 1989

قابض ڀارتي فوج 1989 کان هن وقت تائين 95 هزارن کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو: رپورٽ

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) قابض ڀارتي فوج 1989 کان هن وقت تائين 95 هزار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے