11 منگل , دسمبر 2018

صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، جاچ ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کانپوءِ مبينا زهر واپرائڻ جي نتيجي ۾ 2 ڀائرن جي موت جي جاچ لاءِ قائم ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سوالنامو پڻ تيار ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين جي جاچ موجب ڊرائيور ۽ ٻارن جي امڙ جي بيان ۾ ڪو به تضاد ناهي، جڏهن ته ڪيس جي جاچ لاءِ خاندان جي ٻين ماڻهن کان پڻ بيان ورتا ويندا. پوليس موجب ٻارن جي موت جي جاچ جاري آهي ۽ ڪيميڪل جا نمونا مقامي ليبارٽري ۽ لاهور ۾ پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي ڏانهن اماڻيا ويا آهن ۽ ڪيميڪل رپورٽ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي پوليس رپورٽ تيار ڪئي ويندي. ان کان اڳ جناح اسپتال جي ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر شيراز ٻڌايو هو ته صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ڀائرن جي ميڊيڪوليگل رپورٽ مڪمل ڪري پوليس اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي. ميڊيڪو ليگل رپورٽ موجب ٻنهي ٻارن جي جسم مان رت، ڪپڙن ۽ عضون جا ڇهه نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.ايڊيشنل پوليس سرجن موجب فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جي ننهن نيرا ٿي چڪا هئا جنهن جو ڪارڻ زهر واپرائڻ پڻ ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته واقعي کانپوءِ سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني فوڊ اٿارٽي نگراني لاءِ 3 رڪني پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جن ۾ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، سنجي پارواڻي، گنهور خان اصرار شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے