12 بدھ , دسمبر 2018

ايس پي طاهر داوڙ جو مبينا قتل: اسلام آباد پوليس جاچ لاءِ پشاور پهچي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ جي مبينا قتل جي جاچ لاءِ اسلام آباد پوليس ٽيم پشاور پهچي وئي آهي. اسلام آباد مان اغوا ٿيل خيبرپختونخوا پوليس جا اعليٰ آفيسر ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي سرڪاري سطح تي اڃان تائين تصديق ناهي ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ايس پي طاهر داوڙ کي افغانستان ۾ قتل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي خاص ٽيم جاچ لاءِ پشاور پهچي چڪي ۽ ڪي پي ڪي پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن. طاهر داوڙ جي ڀاءُ فرمان احمد الدين چيو ته اڃان ان بابت ڪا معلومات ناهي ملي. گذريل ڏينهن ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي کان پڻ ان ڏس ۾ سوال ڪيو ويو هو ته جنهن هن ايس پي طاهر داوڙ جي موت جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. طاهر داوڙ کي گذريل مهيني اسلام آباد جي علائقي ٽين فور مان اغوا ڪيو ويو هو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے