12 بدھ , دسمبر 2018

ڪيليفورنيا جي تاريخ  جي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ باهه ۾ فوتگين جو انگ 48 ٿي ويو

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ)امريڪا جي سڀ کان وڏي ۽ شاهوڪار رياست ڪيلفورنيا ۾ جهنگ ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتگين جو انگ 41کان وڌي 48 ٿي ويو آهي جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن. امريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ لڳندڙ باهه تي قابو نه آندو ويو،هزارين ايڪڙن ۾ موجود وڻ سڙي راک ٿي ويا آهن، ۽ ٽن ڏينهن دوران باهه سبب فوتيگن جو انگ 78 ٿي ويو آهي جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن. باهه ۾7 هزار 2 سئو کان وڌيڪ گهر سڙي ويا آهن جنهن ۾ شوبز ستارن جون عاليشان عمارتون به شامل آهن جڏهن ته 15 هزار 5 سئو گهرن کي خطرو آهي،  هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر آهن، ڪيليفورنيا ۾ ٻيلن لڳل باهه لاس اينجلس جي گرفته پارڪ ۾1933ع ۾ لڳندڙ باهه جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، باهه جي شعولن شوبز ستارن جي رهائشي علائقن اگورا هلز کي پنهنجي لپيٽ ۾آڻي ڇڏيو آهي جنهن جي سبب اداڪارن جا گهر مڪمل طور تي سڙي راک ٿي ويا آهن، باهه لڳڻ کان پهريان ان علائقي کي خالي ڪرايو ويو هو ته مجموعي طور تي اڍائي لک ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منقتل ڪيو ويو. امريڪي ميڊيا موجب فائر بريگيڊ تيز هوائون سبب تيزي سان پکڙجڻ جي باهه کي قابو ڪرڻ ۾ مڪمل  طور ناڪام آهي، خميس تي لاس اينجلس کان شروع ٿيندڙ واري باهه وڌندي وڌندي اڄ 35 هزار ايڪڙ تائين پکڙجي  هائي وي 101 جي سامونڊي علائقن جي ويجهو پهچي وئي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے