23 ہفتہ , فروری 2019

آسيه بي بي پاڪستان ۾ ئي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آسيه بي بي پاڪستان ۾ ئي آهي ۽ معاملو عدالت ۾ هئڻ سبب ان تي گهٽ ڳالهايو وڃي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب ۽ چين جي دورن سميت پاڪ افغان ۽ پاڪ ڀارت لاڳاپن تي بريفنگ ڏني ۽ پاڪ ڀارت ڳالهين ۽ ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته 5 فيبروري تي لنڊن ۾ عالمي رپورٽن تي ڪانفرنس جو انعقاد ڪنداسين، ان ڪانفرنس ۾ قومي نڪتا نظر بيان ڪيو ويندو، ڀارت ۾ چونڊن تائين ڀارت سان ڳالهين جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نظر نٿي اچي. هن چيو ته آسيه بي بي پاڪستان ۾ ئي آهي، هن وقت معاملو عدالت ۾ آهي تنهنڪري گهٽ ڳالهائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے