15 ہفتہ , دسمبر 2018

افغانستان ايس ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا پوليس جي اعليٰ آفيسر ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه افغانستان پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه جي جلال آباد ۾ پاڪستان جي قونصل خاني جي اعليٰ عهديدارن جي حوالي ڪيو ويو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ طورخم بارڊر تي پهچايو ويندو. ٻئي پاسي سي سي پي او پشاور قاشي جميل جو چوڻ آهي ته جيستائين لاش نٿو ملي وڃي طاهر داوڙ جي شهادت جي تصديق نٿا ڪري سگهون، سوشل ميڊيا ذريعي معلومات ملي رهي آهي، اسان جي ٽيم افغان بارڊر تي موجود آهي، جڏهن لاش ملندو ته ڪي پي پوليس بيان جاري ڪندي. واضح رهي ته طاهر داوڙ کي گذريل مهيني اسلام آباد جي علائقي جي ٽين فور مان اغوا ڪيو ويو هو جڏهن ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي خبرون ۽ تصويرون گردش ڪري رهيون هيون ته ايس پي طاهر داوڙ کي افغانستان ۾ قتل ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے