13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ:خيرپور: فارميسي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي آڏو ڌرڻو

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ  يونيورسٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

فارميسي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سيد ارسلان شاهه، عبداللطيف حاجاڻو، عبدالسلام شيخ، ڪائنات، سحرش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻُ پئجي ويو.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو تھ  اٺن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري سندن  مستقبل اونداهو ٿيڻ لڳو آهي.

هنن چيو تھ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ايندڙ ليپ ٽاپ کين ڏيڻ بجاءِ من پسندن کي ڏنا پيا وڃن جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هنن چيو تھ هر ڀيري  لکت ۾ چيوويو آھي ته ڊي فارميسي کي رجسٽريشن ڏيون ٿا پوءِ  انتظاميا  واعدن تان ڦري وڃي ٿي.

شاگرد اڳواڻن چيو تھ جائز مطالبن لاءِ احتجاج  ڪرڻ تي يونيورسٽي انتظاميه کين ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

هنن چيو تھ يونيورسٽي مان ڪرپٽ ماڻھن کي نيڪالي ڏئي سندن جائز مطالبا مڃيا وڃن.

هنن  سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا تسليم ڪري  فارميسي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جيڪا مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي………….

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے