23 ہفتہ , فروری 2019

نيب جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيب جي ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي( ايس بي سي اي ) جي آفيس تي ڇاپو هڻي سمورو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ورتو. ذريعن موجب ايس بي سي اي جي ٻن ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇاپا مار ٽيم هن وقت به آفيس ۾ ئي موجود آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته ايس بي سي اي جو ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ياد رهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي جون 2015 ۾ رينجرز ۽ ان ئي سال ڊسمبر ۾ نيب ڇاپن دوران اهم ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو هيو. نيب چائنا ڪٽنگ ۽ غيرقانوني الاٽمنٽ ۾ ملوث ان وقت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے