15 ہفتہ , دسمبر 2018

سٽي ۽ بيڪن هائوس اسڪول تي پابندي جو خطرو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تعليم کاتي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي سموري سنڌ ۾ قائم ڪيمپسن جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي آهي. تعليم کاتي موجب فيسن واري معاملي تي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سٽي اسڪول جي 56 ڪيمپسن ۽ بيڪ هائوس اسڪول جي 65 ڪيمپسن جي ريجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي. اسڪولن کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولز ٻنهي تعليمي ادارن کي پنج خط لکيا ويا جن ڪو به جواب نه ڏنو ويو. نوٽيس موجب 7 ڏينهن اندر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ٿيو ته اسڪولن جي ريجسٽريشن بحال ڪئي ويندي پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسڪلون کي سيل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے