14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ : ڪوٽڏيجي: سيٺارجا جي رهواسي فوجي جو  ڀائرن پاران  سندس زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي ۾ سيٺارجا جي رهواسي فوجي ڀائرن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير محمد رند جي رهواسي فوجي  پرويز احمد رند عوامي آواز آفيس ڪوٽڏيجي پهچي دانهيو آهي تھ سندس ڀائر ابن ڏاڏن جي زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن.

هن چيو تھ  سندس ڀائر  نادر علي رند ۽ سندس پٽ جهانداد،  شيراز ، جاويد رند سندس حصي جي زمين تي قبضو ڪيو ويٺاآهن  احتجاج ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏين پيا.

احتجاج ڪندڙ چيو تھ ڀائرن مٿس سيٺارجا ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جيڪو بي ڪلاس ٿي نڪري ويو آهي.

هن چيو تھ هو هڪ فوجي آهي ۽ قانوني طريقي سان پنهنجو حق گهري رهيو آهي، ڀائر ڀائٽيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسائڻ چاهن ٿا.

پرويز احمد رند چيو تھ ڪيترائي ڀيرا برادري جي چڱن مڙسن وٽ پڻ دانهيو آهي پر  ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 هن ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل خان کي اپيل ڪئي مٿس ڪوڙا ڪيس ختم ڪري زمين مان حصو ڏياريو وڃي ۽  خاندان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے