11 منگل , دسمبر 2018

ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد گرفتار

ساهيوال(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ساهيوال ۾ ڪارروائي دوران 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪائونٽر ٽيررازم ڊيپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) ساهيوال ۾ ڪارروائي دوران 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي 9 ايل ملتان روڊ تي موٽر سائيڪل جي ڳولها دوران گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته دهشتگردن وٽان ڊيٽونيٽر، بارودي مواد، پسٽل ۽ گوليون به هٿ ٿيون آهن. سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ محمد عباس عرف حمزه، سعيد الله خان، موسيٰ خان عرف روحاني جي نالن سان ٿي آهي ۽ سندن تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، دهشتگردن بم ڌماڪي مان ڪنهن شخصيت کي ٽارگيٽ بڻائڻ پئي چاهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پوليو جي خاتمي لاءِ قوم کي سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے