14 جمعہ , دسمبر 2018

موبائيل ٽاورن جون شعائون ڪينسر جو سبب بڻجي رهيون آهن: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته موبائيل ٽاور جون شعائون ڪينسر جو سبب بڻجي رهيون آهن. تفصيل موجب رهائشي علائقن ۾ موبائيل ٽاور لڳائڻ خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت ڊي جي ماحوليات تحفظ اٿارٽي کان 2 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي حڪم ڏنو ته رهائشي علائقن، اسڪولن ۽ آبادي جي وچ ۾ لڳل ٽاورن جي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس قيصر رشيد چيو ته جديد دور ۾ اسان هٿن ۾ موبائيل جو رانديڪو ڏئي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان جي لاءِ انساني زندگيون وڌيڪ قيمتي آهن. جسٽس قيصر رشيد چيو ته موبائيل ٽاور جون شعائون ڪينسر جهڙي مرض جو سبب بڻجي رهيون آهن ۽ موبائيل فون اسان جي ماڻهن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے