11 منگل , دسمبر 2018

شيخ رشيد جو گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن جي پرچي ناهي هلندي، ريلوي ۾ 10 هزار ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون. ٻئي پاسي ريلوي واري وزير گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ آبي مسئلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن جي پرچي ناهي هلندي، ريلوي ۾ 10 هزار ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون. هن چيو ته شيخ رشيد ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي سندس ٿورائتو آهيان، شيخ رشيد نوڪرين سان گڏ ريلوي جو خسارو به گهٽ ڪري رهيو آهي. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته 100 ڏينهن جو پلان وقت کان پهرين مڪمل ڪندو، بلوچستان حڪومت گوادر ۾ ريلوي جي لاءِ زمين فراهم ڪري چڪي آهي. گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن جي تعمير بعد ان کي ڊويزن بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن جي پيڙهه جو پٿر  وزير اعظم عمران خان رکندو. بلوچستان حڪومت کان درخواست ڪئي آهي ته 280 ايڪڙ زمين وڌيڪ ڏني وڃي. ان موقعي تي آبي مسئلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته بلوچستان کي اڄ ٻه تحفا ڏئي رهيا آهيون، غير فعال 2 پلانٽن جي بحالي ۽ واپڊا جي ذريعي بحال جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ بلوچستان پاڻي جي تڪرار کي جلد حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سعد رفيق کي جيل کان اڳ ڪوئيٽا جي پراڻي ريل گاڏين جو چڪر لڳرائڻ گهرجي. ماضي ۾ بلوچستان کي اهميت نه ڏني وئي پر هاڻ ائين نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے