12 بدھ , دسمبر 2018

سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جو افتتاح

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزير زلفي بخاري سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پورٽل ۾ سمنڊ پار ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ ماهرن جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ۽ ضرورت جي تحت سمنڊ پار ماهر پاڪستانين سان رابطو ڪيو ويندو. تفصيل موجب وزير اعظم جي خاص مددگار ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ڏيهه واپس آڻڻ وزير اعظم جو ويزن آهي، چين پرڏيهه مان پنهنجا بهترين ماڻهو واپس گهرايا، ماضي جي حڪومتن سمنڊ پار پاڪستانين کي اهميت نه ڏني، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے