13 جمعرات , دسمبر 2018

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڪپتان جويريا خان پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي

پروويڊنس (اسپورٽس نيوز) وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستاني ٽيم ڪپتان جويريا خان جي رڪارڊ 74 رنسن جي مدد سان آئرلينڊ کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي گروپ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ويسٽ انڊيز ۾ جاري عالمي ڪپ جي گروپ بي ۾ پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪپتان ذميواري جو مظاهرو ڪندي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهيون. ڪپتان جويريا خان 74 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽي، اهو پهريون ڀيرو آهي جو مختصر ترين فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به پاڪستاني رانديگرياڻي ايترو اسڪور ٺاهيو هجي، جڏهن ته ٻين رانديگرياڻين ۾ عائشا ظفر 21، عمائما سهيل 18، ناهيدا خان، ندا ڊار 9 ۽ عاليا رياض هڪ رنس ٺاهي. آئرلينڊ طرفان ايل ڪي اورئيلي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 101 رنسون ٺاهي سگهي. جوئس 30 ۽ شلنگٽن 27 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيون. پاڪستان طرفان اڳوڻي ڪپتان ثنا مير، ايمن انور، نشرح خان ۽ عاليا رياض 2-2 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جويريا خان کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. اهڙي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم گروپ بي ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. گروپ ۾ آسٽريليا جي ٽيم پهرين ۽ ڀارت ٻئي نمبر تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sana Mir rises to top of ODI bowling rankings ICC WODI Rankings

ورلڊ ڪپ ۾ ثنا مير جو بال ”پلي آف دي ٽورنامينٽ“ قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے