11 منگل , دسمبر 2018

زهريلي کاڌي سبب ٻارن جي فوتگي وارو معاملو: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ مان کاڌو کائڻ بعد مبينا طور تي زهر جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٻن ٻارن جي فوتگي جي جاچ لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ زهريلي کاتي سبب ٻن ٻارن جي موت جو سبب ڄاڻڻ جي لاءِ خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان سواءِ ڊرائيور، متاثر ٻارن جي ماءُ ۽ سندس مڙس جو بيان ورتو ويو آهي جڏهن ته ٻين ماڻهن جا بيان وٺڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪيس جي جاچ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سوالنامو به تيار ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين جي جاچ موجب ڊرائيو ۽ ٻارن جي ماءُ جي بيان ۾ ڪو به فرق ناهي مليو جڏهن ته ڪيس جي جاڇ لاءِ ٻين وارثن جو بيان به ورتو ويندو. پوليس اختيارين موجب ٻارن جي فوتگي جي جاچ جاري آهي ۽ ڪيميڪل جا نمونا مقامي ليبارٽرين ۽ لاهور ۾ پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي کي ڏنا ويا آهن ۽ ڪيميڪل رپورٽ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي پوليس رپورٽ تيار ٿيندي. پنجاب فارنزڪ ايجنسي کي 30 سپمل ملي ويا آهن، موڪليل نمونن ۾ ريسٽورنٽ مان گڏ ڪيل شيون موجود آهن، نمونن ۾ ٻارن جي الٽي جا جزا، کير ۽ ٻي خوراڪ جا سيپمل موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي جو برطانوي هم منصب سان رابطو، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن مني لانڊرنگ ۽ اثاثن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے