15 ہفتہ , دسمبر 2018

نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ ۾ شامل ڪيا ويا آهن: گهرو وزارت

لاهور(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف، مريم نواز، محمد صفدر، حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. گهرو وزارت طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽرن ريٽائرڊ صفدر جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. گهرو وزارت جي اختيارين پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته حسن نواز ۽ حسين نواز جي پاڪستان واپسي تي سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويندا جڏهن ته اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے