11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان آءِ ايم ايف کان 19هون ۽ آخري پروگرام وٺڻ وڃي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته پاڪستان 19هين آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ وڃي رهيو آهي جڏهن ته اِهو پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وٽ نه وڃڻو پوي، آءِ ايم ياف اڄ پهريون ڀيرو اسان جي سامهون رکيو آهي ته معيشت جي بهتري جي لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسد عمر چيو ته چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ واري فيصلي ۾ دير جو تاثر غلط آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن کي ري اسٽرڪچرنگ جي ضرورت آهي، اسان ايل پي جي جي سلنڊر تي ٽيڪس 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، اسان رڳو صاحب ثروت ماڻهن تي ٽيڪس لڳايو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته 30 نومبر بعد پاڪستان ۾ اسمگل ڪري آندو ويو ڪا به فون ڪم نٿو ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جي گرفتاري: ملڪ درست رخ ڏانهن وڌي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خواجا سعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے