20 بدھ , فروری 2019

ڪراچي جو ويلڊر دبئي ۾ ملڪيت جو مالڪ نڪتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نشتر روڊ تي لوهه جي دروازن ۽ ڄاري جي ڪم ڪندڙ ويلڊر عمران جي دبئي ۾ نبا نالي ملڪيت نڪري آئي. تفصيل موجب فالودي واري، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور، شاگرد، مرحوم ماڻهن ۽ کٽي جي ڪوڙي اڪائونٽن ۽ فيڪٽرين بعد هان ڪراچي جي هڪ ويلڊ جي دبئي ۾ بنا نالي ملڪيت نڪري آئي آهي. ايف آءِ اي نشتر روڊ گهانچي پاڙي جي رهواسي عمران نالي ويلڊر کي دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪ هئڻ جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيس ملندي ئي عمران جي پيٺان هيٺان زمين نڪري وئي، ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته گيٽ جالي ويلڊنگ جو ڪم ڪندو آهيان ۽ اڄ تائين پاسپورٽ ئي ناهي ٺهرايو ۽ ڪڏهن دبئي وڃڻ جو تصور به ناهي ڪيو. عمران موجب ايف آءِ اي طرفان مليل خط مان خبر پئي ته منهنجي نالي تي دبئي ۾ ملڪيت آهي، ايف آءِ اي 20 نومبر تي ملڪيت جي ڪاغذن سميت آفيس ۾ حاضر ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ هاڻ آئون پريشان آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے