13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪرپشن پاڪستان جو واحد مسئلو ناهي: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڪرپشن پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي پر اِهو ڪو واحد مسئلو ناهي ۽ بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ وائٽ ڪالر ڪرائم تي ايترو ڪم ناهي ٿيو جيترو ٿيڻ گهرجي ها. خانگي ٽي وي چينل ۾ ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته ڪرپشن جي حوالي اِهو سمجهڻ غلط آهي ته رڳو نيب جي اداري کي مضبوط ڪرڻ سان احتساب جو عمل بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ترجيح ڪرپشن جو خاتمو آهي پر ان کي ٻين ادارن ۽ مسئلن ڏانه به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي ڪير ڪهڙي به عهدي تي ڇو نه هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے