20 بدھ , فروری 2019

رپورٽ:ڏهرڪي: استاد جو يتيم شاگرد تي تشدد، شاگرد بيهوش

*ڏھرڪي  ويجهو ڀرچونڊي پرائمري اسڪول  ۾ استاد اسڪول جي ڊريس پائي نه اچڻ تي شاگرد کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو .

استاد جي تشدد سبب يتيم شاگرد بيهوش ٿي ويو ماستر بااثر هجڻ ڪري شاگرد جي وارثن کي خاموش رهڻ جو چيو .

ٻئي ڪلاس جو يتيم شاگرد وحيد سميجو اسڪول ۾ ڊريس پهري نه آيو ته ماستر ڏمرجي پيو استاد شاگرد کي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن ڪري شاگرد بيهوش ٿي ويو .

 شاگرد جي چاچي محمد سومار سميجو  ٻڌايو ته ماستر سعيد ڀيو ظلم ڪري ٻار مٿان وحشساڻو تشدد ڪيو آھي ۽ ٻار جي حالت انتهائي خراب ٿي ويئي آھي ۽ پٺي ته چمڙي لهي رهي آھي

هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته  معاملي نو نوٽيس وٺي بااثر استاد خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي …………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!

پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!