23 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ:ڏهرڪي: بيلدار ڳوٺاڻن کي واهه جا ڪپ مضبوط ڪرڻ روڪي ورتو

*ڏهرڪي ويجهو جنهگل ملڪ ۾ ڏهر واهه جا ڪپر کاڄي ويا، ڳوٺاڻن اچ وڃ ۾ تڪليف سبب  واهه جي ڪنڌين تي مٽي وجهڻ شروع ڪئي ته داروغي ۽ بيلدار کين روڪي ڇڏيو. ڳوٺاڻن عبدالحق ڀٽو، فوجي منظور احمد ڀٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ڏهر واھ جا ڪپر کائجي ويا آهن جنهن ڪري اچ وڃ سخت متاثر ٿي رهي آهي

هنن چيو ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت واهه جا ڪپ مضبوط ڪري رستو جوڙي رهيا آهن پر داروغو معشوق ڀارو ۽ بيلدار خادم کوسو کين روڪي رهيا آهن.

 هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيوته ڏهر واهه جا ڪپ مضبوط ڪيا وڃن ته جيئن  ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ تڪليف نه ٿئي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ٺٽي واسي آغا سراج دراني جي گرفتاري کي ڪيئن ٿا سمجهن؟؟

ٺٽي ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاجي ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے