15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

 رياضي، انگلش، اسلاميات، ابتدائي سائنس، سماجي اڀياس ۽ ٻين مضمونن جا نصابي ڪتاب شاگردن کي ڏيڻ بدران گودامن ۾ پيل آهين جيڪي بعد ۾ وڪرو ويا وڃن ٿا.

گذريل 6 سالن کان هڪ گودام ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ ڪتاب پيل آهن

گذريل ڏينهن گودام ۾ پيل ڪتابن کي گودام انچارج ھڪ استاد  ڪتابن کي ردي واري کي وڪرو ڪري ڪندي پڪڙجي پيو ، استاد ڪتاب ردي واري کي منتقل ڪرائي رهيو هو ته پڪڙجي پيو

شاگرد ڪتاب کڻي وڃي رهيا هئا ته شهرين کين پڪڙي وڌي پڇاڻي تي شاگردن ٻڌايو ته کين استاد ڪتاب ڏنا آهن جيڪي ردي واري وٽ پهچائڻا آهن جنهن بعد شاگرد ڪتاب رستي تي ڇڏي فرار ٿي ويا.

شهر ي جڏهن ته اسڪول پهتا ته استاد ٻيا ڪتاب به ردي واري کي منتقل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ڏئي رهيو هو .

ڊي او ايجوڪيشن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  ڪتابن کي وچ بازارن ۾ اڇلايو ويو آهي جيڪو غلط عمل آهي، اهڙي عمل جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، واقعي ۾ ڪير به ملوث هوندو ته ان خلاف  سخت ڪارروائي ٿيندي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …