18 پیر , فروری 2019

رپورٽ:ڪوٽڙي: ڪي بي فيڊر مان پاڻي چوري بند ڪرڻ لاءِ ڪارروائي

*ڪوٽڙي ۾ وڏي وزير جي خصوصي هدايتن تي ڪي بي فيڊر جي ڪناري تي لڳل غير قانوني طور  پاڻي جي مشينن خلاف ايڪسين ايريگيشن ٺٽو جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪيتريون ئي  مشينون بند  ڪيون ويون

 ڪوٽڙي سائيٽ ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ لڳ ڪي بي فيڊر جي ڪناري تي لڳل غير قانوني طور پاڻي چوري  ڪندڙ مشينن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ   ايڪسين  نديم احمد جوکيو جي سربراهي ۾ ٽيم ڪوٽڙي پھتي.

 اسپيشل ٽيم ڪاروائي ڪندي ڪي بي فيڊر جي ڪناري تي لڳل ست پاڻي جون مشينون  بند ڪرائي ڇڏيون

ايڪيسن ايريگيشن نديم احمد جوکيو  ٻڌايو ته  سيد مراد علي شاه جي  هدايتن تي ڄامشورو ڦاٽڪ تي  3 ڪوٽڙي ۾ 4 ۽ ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن  تان 13  پاڻي چوري ڪندڙ مشينون بند ڪرايون  آهن

 هن چيو ته ايريگيشن کاتي توڙي ضلعي انتظاميه کي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو حق آھي ۔  ڪنهن کي به قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏني ويندي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: رمشا قتل ڪيس ۾ جرڳو ڪنهن ڪيو؟ نيٺ ڦاٽ ڦاٽي پيو…..

رمشا قتل ڪيس ۾ جوابدار اظهار وساڻ خلاف فتويٰ ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل بشير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے