18 پیر , فروری 2019

بدين اسپتال ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جو انتظاميا خلاف ڪيس داخل

مھينن جي فوت ٿيل معصوم ٻارڙي عرفانه جي پيءُ  محمد جمن درس بدين جي عدالت ۾ انڊس اسپتال بدين جي انتظاميا خلاف داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج بدين عبدالواھاب تنيو جي عدالت ٻارڙي عرفانه جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪري انڊس جي ائڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر اخلاق احمد ۽ ٻارڙي کي ٽڪو ھڻندڙ ايل ايڇ وي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالتي حڪم ملڻ بعد بدين ماڊل ٿاڻي تي انڊس اسپتال بدين جي ائڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر اخلاق احمد ۽ ھڪ ليڊي ھيلٿ ورڪر خلاف ايف آءِ آر نمبر 391/2018 قلم پي پي سي 319.34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ياد رھي ته انڊس اسپتال بدين ۾ مختلف ٽائمن تي مريضن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۽ علاج جي لاپرواھي ڪرڻ جا ڪيترائي مامرا مختلف وقت تي رپورٽ ٿيندا رھن، جڏھن ته عورت گل پري ۽ سندس معصوم ٻار جي فوت ٿيئڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي به سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾21 نومبر تي رکيل آھي جنھن جا نوٽيس به سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪري ڇڏيا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي ايجنسين مودي کي اليڪشن کٽائڻ لاءِ پاڻ حملو ڪرايو: رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ آپگهاتي حملي ۾ 42 ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے