11 منگل , دسمبر 2018

پنجاب ۾ سينيٽ جي 2 سيٽن تي پولنگ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي 2 سيٽن تي اليڪشن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، جنهن جي پڄاڻي شام 4 بجي ٿيندي، سينيٽ چونڊ ۾ مسلم ليگ(ن) جي سعود مجيد جو پي ٽي آءِ جي وليد اقبال سان مقابلو آهي جڏهن ته عورتون جي سيٽ تي تحريڪ انصاف جي سيمي ايزدي ۽ مسلم ليگ (ن) جي سائره افضل تارڙ جي وچ ۾ مقابلو آهي، ٻئي سيٽون مسلم ليگ (ن) جي هارون اختر ۽ سعيديه عباسي جي نا اهلي سبب خالي ٿيو هون، سينٽ اليڪشن ۾ پنجاب اسيمبلي جي 371 جي ايوان ۾ 369 ميمبر پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندا، چوڌري نثار علي خان تاحال بطور پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف ناهي کنيو ان لاءِ هو سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اهل ناهن، اهڙي طرح پ پ 168 لاهور کان مسلم ليگ(ن) جي خواجا سعد رفيق جي ڇڏيل سيٽ تي ضمني اليڪشن  ٿيڻ باقي آهي، ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي 180، مسلم ليگ(ق) جون 10، پيپلز پارٽي جي 7، مسلم ليگ (ن) جون 167، ۽ 4 آزاد ميمبر ۽ راهه حق پارٽي جي هڪ سيٽ آهي، تحريڪ انصاف کي مسلم ليگ(ق) جي ڏهن ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، حڪمران اتحاد جي ووٽن جو تعداد 190 آهي، پي ٽي آءِ راهه حق پارٽي ۽ آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پر اميد ڏيکاري  ڏئي رهيا آهن،  جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) کي پيپلز پارٽي جي 7ميمبرن سميت 174 ووٽن جي حمايت حاصل آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جي گرفتاري: ملڪ درست رخ ڏانهن وڌي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خواجا سعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے