15 ہفتہ , دسمبر 2018

مارشل لا کانپوءِ ڪاروبار جو سمورو رڪارڊ ايجنسيون کڻي ويون، جيڪو اڃا نه مليو آهي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو آهي ته 1999ع ۾ مارشل لا لاڳو  ٿيڻ بعد شريف خاندان جي ڪاروبار جو قبضي ۾ ورتل رڪارڊ اڃا تائين ايجنسين واپس نه ڪيو آهي،  لوڪل پوليس ۾ ان حوالي سان شڪايت به ڪرائي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه  ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف مسلسل ٻئي ڏينهن به عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرايو ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. عدالت منجهند 2 وڳي کيس ٻيهر طلب ڪيو آهي. نواز شريف 44 سوالن جا جواب ڏنا ۽ کيس مجموعي طور تي کيس 151 سوالن جا جواب ڏيڻا آهن. ٻڌڻي جي شروعات تي نواز شريف احتساب عدالت پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 1999ع جي مارشل لا کانپوءِ اسان جي ڪاروبار جي رڪارڊ تي قبضو ڪيو ويو، ان حوالي سان شڪايت به داخل ٿي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. هن چيو ته جج صاحب نه رڳو اسان سان رڳو 1999ع ۾ اهو نه ٿيو آهي پر اهو هميشه ٿيندو آيو آهي، اها اسان جي درد ڀريل ڪهاڻي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 1972ع ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسٽيل ملز اتفاق فائونڊري کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو،ڪنهن نه پڇو ته کائڻ جا پئسا به وٽن آهن يا وري نه آهن.  نواز شريف چيو ته مان ته 1972ع ۾ سياست ۾ به نه هيس، مان80 جي ڏهاڪي ۾ سياست شروع ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے