10 پیر , دسمبر 2018

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٿرڪول پاور پلانٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر رميش ڪمار کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين بڻايو وڃي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته اڄ ئي ڪابينا جي گڏجاڻي مان چيئرمين جي مقرري جي منظوري وٺو ۽ چيئرمين اقليت مان هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ جو وضو جو پاڻي ٻوٽن کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڻي محفوظ ڪرڻ واري هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران انتظاميا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے