17 اتوار , فروری 2019

پاڪستان ملائيشيا جي لاڳاپن ۾ اضافي جي خواهش آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جا ملائيشيا سان گهرا لاڳاپا آهن،  پاڪستان لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ملائيشيا هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ اسان جي دوستي گڏيل عقيدن، ورثي ۽ تاريخ تي ٻڌل آهي. ملائشيا جي هاءِ ڪمشنر اڪرام بن محمد ابراهيم پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وسيع ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان جي امڪاني ملائيشيا جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے