11 منگل , دسمبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته “عمران خان جي حڪومت جي هڪ سئو ڏينهن اندر جيڪي انقلاب آيا آهن، انهن ۾ وڏا قرض وٺڻ واري ڳالهه اسان جي لاءِ فخر جي نه بلڪه شرم جي ڳالهه آهي، هڪ طرف سعودي، ٻئي طرف چين ۽ ٽئين طرف آءِ ايم ايف جا قرض، جنهن اسانکي چيو آهي ته توهان جي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو طريقو صحيح نه آهي ۽ ان طريقي کي مٽايو ۽ پنهنجن قرضن جي وصولي تيز ڪريو ۽ وڌايو، ان کان علاوه بجليءَ جا اگهه وڌائڻ جو حڪم به آءِ ايم ايف جي قرضن کي بيلنس ڪرڻ لاءِ ان جي حڪم تي ڏيڍ سئو ارب جي بجليءَ جو پهاڙ عوام جي مٿان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي ڪيرايو ويو آهي، جيڪي ڳالهيون عمران خان پنهنجي جوشيلي انداز ۾ چوندو هو، سي سڀني دعوائن جي ابتڙ ڪرڻ ۾ کيس ڪابه تڪليف محسوس نه پئي ٿئي، حالانڪه سوشل ميڊيا وارا سندس اهي گذريل تقريرون، ۽ هن وقت وري انهن واعدن تان ڦري وڃڻ واريون تقريرون، گڏ رکي عوام کي پنهنجي ليڊر جي ڪردار، قول ۽ فعل جي ڄاڻ ڏيئي رهيا آهن، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي اهڙي اڪثريت نه آهي، جو هو ڪوبه بل قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي تعاون کان سواءِ پاس ڪرائي سگهي.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عمران خان کي آرام سان ان جاءِ تي پهچائڻ ۾ اندروني طور آصف زرداري جو يا پيپلز پارٽيءَ جو تعاون ضرور رهيو آهي، ان جي موٽ ۾ جيڪي ڪجهه هاڻ پيپلز پارٽيءَ سان سنڌ ۾ ٿيڻ وارو آهي، ان جي باري ۾ روز ڪا نه ڪا ڳالهه ميڊيا ۾ آڻي پ پ جو قد ننڍو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، پر هن ملڪ ۾ ڪنهن زماني ۾ اها ق ليگ، ن ليگ، پ پ اهڙي ڪيفيت مان گذري چڪا آهن، پر وري جڏهن ادارن جي پسند ۾ ۽ پروگرام ۾ شامل ٿيا، ته وري انهن اڪثريت سان اليڪشن کٽي حڪومت ماڻي ۽ ان نشي ۾ ته اسان جي پارٽي جي مقبوليت آهي، جنهن اسان کي اڪثريت سان ايوانن ۾ پهچايو، تڏهن وري ادارا سندن ڪن مهٽ ڪري ۽ هٿ سان ڏنل ڪردار جيڪي ان اڪثريت کي وڌائيندا ۽ ظاهر ڪندا آهن، وري انهن ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو رجحان وجهي، وري به ان اقتدار جي ڪرسيءَ جي هڪڙي ٽنگ ادارا هميشه پنهنجي هٿ ۾ رکندا آهن،

ڪامريڊ سليم چڙندي چيو ته “ميان… ڪجهه خيال ته ڪريو، عمران خان کي سڄي دنيا قبول ڪري پئي، پسند ڪري پئي، ۽ سندس قول ۽ فعل جي واکاڻ سندس دشمن به ڪن ٿا، پر خبر نه آهي ڇو پنهنجا پنهنجن جا ويري بنجي، هڪ ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا آهن، هاڻ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو قرضو جنهن به ڏکين شرطن تي مليو، ته اسد عمر چيو آهي ته هي پاڪستان تيرنهن دفعا آءِ ايم ايف وٽ جهڪي چڪو آهي ۽ انشاءَ الله تعاليٰ اهو آخري دفعو ئي هوندو، اسين انهن جا ڳرا شرط مڃي به، قرض کڻي ملڪ کي ڏيوالي کان بچائيندا رهيا آهيون، پر هن وقت دنيا ۾ وڏي تبديلي جيڪا اچي رهي آهي، اها تيل جي ذريعي تبديلي اچي پئي، ان مان سڄي دنيا متاثر ٿي رهي آهي، آمريڪا ايران تي جيڪي پابنديون مڙهيون آهن، انهن ۾ تيل سرفهرست آهي، جيڪڏهن آمريڪا جي هٿ مان ڪا ڳالهه نڪرندي وڃي ته اُها اِها آهي ته هاڻ سعودي ۽ چائنا هڪ ٻئي سان واپار ڊالر جي بدران پنهنجي پنهنجي ڪرنسي ۾ ڪندا ۽ هاڻ جيڪڏهن سڀني اتحادي ملڪن پنهنجا وڻج واپار هاڻ پنهنجي ڪرنسي ۾ ڪرڻ شروع ڪيا، ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته ڊالر جي ڪِرڻ جو دور شروع ٿي چڪو آهي، ۽ تڏهن سڀني اسرندڙ ملڪن جي ڪرنسي جي دنيا ۾ عزت ٿيڻ لڳي، ته پوءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا، ورنه آمريڪا ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي غلاميءَ مان ۽ پنهنجن قرضن مان ڪڏهن به آجو ٿيڻ نه ڏيندو.

تڏهن مواليءَ چيو ته “ادا… آئون ته اهوئي پهاڪو وري به ورجائيندس ته هم ڀلا يا هماري ڀائي… چوندا آهن ته جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي، جڏهن هن حڪومت جي باري ۾ چيف جسٽس جي اها راءِ آهي ته حڪومت وٽ نه اهليت آهي، نه صلاحيت، نه ئي منصوبا بندي، ڇا منصوبا رڳو ڪاغذن ۾ ٺهندا آهن ؟، وڌيڪ هن چيو ته جن ڪيسن جو نوٽيس وٺي چڪا آهيون، اهي اڌ ۾ ڇڏي نه وينداسون، بلڪه انهن جو فيصلو ڪري پوءِ وينداسون. بني گالا زون ٽي ۽ چار غير قانوني تعمير ٿيل آهي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وزيراعظم گهر جي ريگيولرائزيشن درخواست ۽ نقشو ڏيئي ڇڏيو آهي، ريگيولرائزيشن مان ملندڙ رقم علائقي تي خرچ ٿيندي، ۽ وڌيڪ چيائين ته سموري بنيادي سهولتن جي ذميوار حڪومت آهي. بلڊرن کي چيو اٿس ته نئون شهر ٺاهڻ چاهيو ٿا ته سي ڊي اي کان زمين حاصل ڪرڻي پوندي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چيف جسٽس نواز شريف جي ڪيس کان وٺي هيستائين جيڪي به قدم کنيا آهن، اهي نئين جمهوري حڪومت جو فرض هو، پر اهي سڀ ڪجهه بلڪه عوام جي دلين جي ترجماني صرف چيف جسٽس ڪري رهيو آهي جنهن 70 سالن کان ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ غير قانوني قبضا ۽ حد دخليون هٽايون، جن کي ڪابه جمهوري حڪومت نه هٽائي سگهي.

وزير اعظم ڀلي چوي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ واضح تبديلي نظر ايندي، پر جيڪا تبديلي پاڪستاني عوام کي هن 100 ڏينهن جي اندر ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان کي ڏسي ڪري پڪ سان هر پاڪستاني اهوئي سوچيندو، ته ادا سنڌ ۾ پ پ پاور ۾ آهي، وفاق ۽ ٻين صوبن ۾ تحريڪ انصاف، ان ڪري پ پ وٽ ته ساڳيو طريقي ڪار جيڪو سالن کان هلندڙ آهي، اهوئي آزمايو ويندو، باقي وفاق جيڪو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تعليمي نظام کي تبديل ڪري، هڪڙو نصاب تيار ڪيو ويندو، جيڪو خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن لاءِ هڪڙو ئي هوندو، جيڪڏهن وفاق ۽ ان جي تعليمي ادارن اهڙو تڪڙو قدم کڻي، سنڌ کي به پاڻ سان گڏ کنيو، ته پوءِ اهي اسڪول جيڪي نرسري ۽ ڪي جي جي ٻار جي في 30 کان 40 هزار رپيا مهينو وٺي رهيا آهن ۽ اهڙا اسڪول ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن، سي جيڪڏهن نصاب غريبن ۽ اميرن وارو ساڳيو وڃي بيٺو ته پوءِ اهي اسڪول ۽ اهي نصاب ويران ٿي ويندا ۽ ڇا اها پرائيويٽ اسڪول مافيا جيڪا وڏو اثر رسوخ رکي ٿي، جنهن جي ئي ڪري مهانگي تعليم مقبول ۽ سستي تعليم نامقبول آهي ته ڇا اهي چاهيندا ته ايترا سارا اسڪول بند ٿين ۽ انهن اميرن جي ٻارن کي به اهوئي نصاب پڙهايو وڃي، جيڪو غريبن جي ٻارن کي ڳوٺن ۾ پڙهايو ويندو…؟؟؟، ان جي لاءِ روز نوان اعلان ڪرڻ سان صرف فقير واري ڳالهه اهائي چئي سگهجي ٿي ته ”اعلان هزارين مان نه رڳو.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے