13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪراچي پريس ڪلب تي چڙهائي …قلم کي ڪڙو چاڙهڻ جي ڪوشش!

وزيرعلي جمالي

ڪراچيءَ پريس ڪلب جنهن جي هڪ پنهنجي شاندار تاريخ رهي آهي، هن پريس ڪلب جي ميمبرن ۾ ملڪ جا ناميارا صحافي جن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام سٺو نالو ڪمايو آهي. جن جي هڪ بهترين ساک رهي آهي جن پنهنجي ادارن ۾ رهي ڪري ملڪي ميڊيا جي آزادي ، عوامي ڏکن ۽ اهنجن کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ توڙي حڪمرانن جي چڱن ۽ بُرن ڪمن کي وائکو ڪرڻ ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي. هن پريس ڪلب مان ادريس بختيار، وسعت الله خان، مظهر عباس، جي اين مغل، ارباب چانڊيو، عاجز جمالي، خورشيد عباسي، عامر لطيف ۽ ٻيا نالي وارا صحافي جن صحافت کي هڪ جذبو، مشن سمجهي ڪم ڪيو ۽ ملڪي ادارن، حڪمرانن توڙي مذهبي تنظيمن تي بنا ڪنهن متڀيد جي ميرٽ جي بنياد تي تنقيد ڪئي آهي. ڪراچيءَ جتي هڪ لساني جماعت جو غلبو هو، صحافي خبرون انهن جي مرضي ۽ پسند جون هلائيندا هئا، صحافي انهن جي ڀتا خوري، قتل ۽ غارتگري توڙي بدمعاشي کي به نامعلوم ماڻهن جي کاتي ۾ وجهندا هئا تڏهن به ڪراچي پريس ڪلب جا ڪجهه اهڙا سرِ ڦريا صحافي موجود هئا، جيڪي انهن جي ڪُڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪندا رهندا هئا جن کي اهڙي جرئت ۽ همت جي عيوض گهرن تي حملا، سندس ملڪيتن کي نقصان ويندي جان تان به هٿ ڌوئڻا پيا، جيو جو نوجوان صحافي ولي خان بابر ان جو مثال آهي جنهن کي هڪ جماعت جي غنڊن سرِ عام لالو کيت ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته طلعت حسين جهڙن ناميارن صحافين کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ڪنهن کان لڪل ڪونهي، دهشتگرد تنظيم جي دهشتگردي جو شڪار جتي ڪراچي جا ڊاڪٽر، عالم، پروفيسر توڙي عام ماڻهو بڻيا، اتي قلم جي حُرمت کي پڻ پامال ڪيو ويو ۽ صحافين کي تمام گهڻي دٻاءَ ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پيون، اي آر واءِ، آج نيوز جي آفيسن تي حملا ان ڳالهه جو ثبوت آهن. دهشتگردي جي عروج واري زماني ۾ به ڪڏهن ڪراچي پريس ڪلب تي هلان ڪونه ڪئي وئي ۽ نه وري ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊيل باڊي کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ ۽ ڊڪٽيشن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪجهه سالن کان پوري ملڪ اندر جتي مخالفن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي، اُتي ميڊيا ٿان پڻ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ مقتدر قوتن پاران تمام گهڻيون اڻ اعلانيه پابنديون مڙهيون ويون آهن، جن جو اظهار ملڪ جي ناليوارن صحافين پاران مختلف موقعن تي ٿيندو رهيو آهي، گذريل 25 جولاءِ تي ٿيل اليڪشن ۾ جهڙي طرح سان ٽي وي چينلز ۽ اخبارن کي ڳجهن ادارن پاران هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ پنهنجي من پسند نشريات هلائڻ لاءِ ڊڪٽيشن ڏني وئي، ان کان پوءِ سليم صافي، مطيع الله جان ۽ طلعت حسين جهڙا صحافي به چُپ نه رهي سگهيا ۽ طاقتور ادارن پاران ميڊيا کي پابند ڪرڻ وارين ڪاررواين جو اظهار ڪيو. ڪنهن به معاشري، ملڪ ۽ قوم لاءِ اظهار جي آزادي زندگي جي علامت هوندي آهي، ڪنهن به اشو تي هڪ آزاد شهري کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق دنيا جي مڃيل اصولن ۾ سڀ کان اول ڏنو ويو آهي. پر طاقتور ڌُريون ۽ ملڪ جي اقتدار جا اصل مالڪ اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهن ٿا ته جيڪڏهن معاشري ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن توڙي ميڊيا کي آزادي ملي ته هو هنن جي غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪُرتوتن کي وائکو ڪندا ۽ سندن حڪمراني جي ديوارن ۾ ڏار پوڻ شروع  ٿي ويندا، انهي ڪري هو سياسي پارٽين، مختلف تنظيمن جي ماڻهن کي گم ڪري ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيلن حوالي ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ميڊيا کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ اهڙن حربن تي لهي آيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ” نامعلوم“ ماڻهو ويگو ۽ پيجارو گاڏين ۾ زبردستي  گهڙي آيا ۽ پريس ڪلب جي اندر مختلف ڪمرن جي تلاشي ورتي، اُتي موجود صحافين جڏهن کائنس سڃاڻپ جي باري ۾ پُڇا ڪئي ته هو کين ڌمڪيون ڏيندي واپس روانا ٿي ويا. ان واقعي خلاف پريس ڪلب جي صدر احمد خان ملڪ، جنرل سيڪريٽري مقصود يوسفي، سميت ٻين سينئر صحافين گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي، گورنر عمران اسماعيل صحافين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پڪ ڏياري ته پريس ڪلب تي چڙهائي ڪرڻ وارن ڳجهن هٿن کي بي نقاب ڪيو ويندو ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته صحافين پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪميپ لڳائي واقعي خلاف احتجاج ڪيو آهي جيڪو جاري آهي، ان احتجاجي ڪيمپ لڳائڻ ۽ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب جي سينئر ميمبر گذريل 25 سالن کان صحافتي ذميواريون ادا ڪندڙ، روزاني نئي بات جو ڊسٽرڪٽ انچارج، ڪي پي آءِ (ڪشمير پريس انٽرنيشنل) ثنا نيوز ايجنسي جي اڳوڻي ميمبر نصرالله چوڌري کي رات پيٽ ۾ سندس گهران “ نامعلوم” ماڻهو کنڀي ويا، جنهن کان پوءِ ڪراچيءَ جي صحافين ۾ ڪاوڙ ۽ خوف جي شديد لهر ڇائنجي وئي ۽ صحافين جي احتجاج ۾ اڃان به تيزي اچي وئي، پريس ڪلب جا عهديدار گورنر سنڌ جي وڏي، ڊي جي رينجرز، ڪور ڪمانڊر ڪراچي سميت مختلف اهم ادارن جي اڳواڻن سان مليا ۽ نصرالله چوڌري جي بازيابي لاءِ ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ هن مسئلي کي اُجاڳر ڪيو ۽ صحافي جي گمشدگي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. 12 نومبر سومر ڏينهن تي سي ٽي ڊي پوليس نصرالله چوڌري جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ، مٿن چارجز لڳايا ويا ته هن وٽان پابندي پيل لٽريچر مليو آهي ۽ سندس رابطا مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن سان رهيا آهن، جن ۾ بدنام ڏوهاري ” خالد مڪاشي“ پڻ شامل آهي، نصرالله هن جي اڍائي لک رپين سان مدد پڻ ڪئي آهي، هن وٽان فوج خلاف چڙ ڏياريندڙ مواد مليو آهي، هن خلاف جي آءِ ٽي جوڙي ويندي…،

پوليس پاران عدالت کان نصرالله جي 15 ڏينهن جي رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪندي فقط ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو ۽ مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. صحافي تنظيمن توڙي ڪراچي جي سينئر صحافين ان الزام کي ڪوڙو ۽ جُڙتو قرار ڏيندي ان عمل کي ڳجهن ادارن جي غير آئيني ۽ غير قانوني عمل کي جائز قرار ڏيڻ جي هڪ ڪوشش قرار ڏنو آهي. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پريس ڪلب تي حملو ۽ نصرالله چوڌري مٿان ڪوڙي ڪيس جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اهو سڀ ڪجهه اظهار جي آزادي تي پابندي مڙڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ جي آئين هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو آهي جنهن کان ڪنهن به قيمت تي هٿ ڪونه کڻنداسين.

هنن مطالبو ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پريس ڪلب تي حملي ۽ صحافين کي ڌمڪائڻ جو سنئون سڌو نوٽيس وٺي ۽ ملڪ جي سگهاري اداري جي سڃاڻپ کي داغدار ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان کي جڙتو الزام ۽ تهمتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪي نٿيون سگهن، سي ٽي ڊي جو بيان ڪراچيءَ پريس ڪلب تي حملو ڪرڻ وارن ڏوهارين کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي، هنن نصرالله چوڌري مٿان ڪوڙن الزامن کي رد ڪندي سندس تُرت آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي سڀ ڪجهه هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ وڏي راند جو حصو آهي، جنهن موجب ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين ۽ سندن اڳواڻن کي سوڙهو ڪرڻ بعد هاڻي ميڊيا جو وارو آهي. جيڪڏهن اڄ صحافي برادري  ۽ صحافي تنظيمون پنهنجي انا، مفادن  ذات برادري کان مٿاهون ٿي قلم کي ڪڙو چاڙهڻ واري هنن ڪارواين خلاف گڏجي مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ شايد پاڪستان جي صحافين سان به سعودي عرب جي شهيد صحافي جمال خاشقجي واري ڪار ٿئي، جنهن جي عضون کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ بعد تيزاب ۾ ڳاريو ويو، صحافي جيڪا شيءِ ڏسندو، محسوس ڪندو آهي، ان کي پنهنجي قلم ذريعي اخبار جي پنن تي اُتاريندو آهي، صحافي عوام جي دردن جو درمان ڪرڻ، سندن ڏکن ڏاکڙن کي حڪمرانن جي ايوانن تائين پهچائڻ جو ذريعو آهي، صحافي ئي حڪمرانن جي غلط ڪارين کي وائکو ڪندو آهي، صحافي ئي آهي جيڪو ظلم، بربريت، جنگين، قدرتي آفتن ۾ ايندڙ تباهي کي عوام سامهون آڻيندو آهي، ان ڪري سگهارين ڌرين ۽ مقتدر قوتن کي گهرجي ته هو صحافين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين ۽ خود ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪن ۽ ملڪ دشمنن سان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ پنهنجون قوتون استعمال ڪن ۽ تبديليءَ جي نالي تي ايندڙ حڪمرانن کي به صحافت جي آزادي، صحافين سان ٿيندڙ بيواجبين جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ موثر اپاءَ وٺي صحافي برادري  ۾ موجود ڳڻتي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي  جيڪڏهن مقتدر قوتن ۽ ادارن کي ڪنهن به صحافي خلاف ڪا شڪايت آهي ته هنن کي گهرجي ته صحافتي تنظيمن جي چونڊيل نمائندن سان ويهي ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪن ۽ صحافتي تنظيمون توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مالڪ اهڙن صحافين کي پنهنجي ادارن مان نيڪالي ڏين ته جيئن ملڪ جي اهم ٿنڀ صحافت ۽ ٻين ادارن ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فضا پيدا ٿي سگهي ۽ صحافي به پنهنجون ذميواريون بنا ڪنهن ڊپ  جي ادا ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے