10 پیر , دسمبر 2018

ملڪ ۾ولائتي ڌرڻا ۽ تبديلي واري سرڪار

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ تبديلي واري نئين سرڪار جي اچڻ سان ئي هرطرف هلچل ۽ احتجاجي جلوسن، جلسن ۽ ڌرڻن جي وقت کان اڳ بهار آيل آهي. هاڻوڪي سرڪار، شايد ملڪ جي پهرين حڪومت آهي، جيڪا پنهنجي پهرين سئو ڏينهن ۾ئي غيرمقبوليت جي بلندي تي وڃي پهتي آهي. هڪ مهينو اڳ ٿيل ننڍين چونڊن ۾ تبديلي واري سرڪار جي عوامي مقبوليت ۽ حمايت ۾ جيڪا ناخوشگوار تبديلي آئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو اڌ کان وڌيڪ کٽيل سيٽون به هارائي وئي، يقينن حيرت انگيز ڳالهه آهي. بلڪل ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته تبديلي واري سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪري چڪي آهي ۽ سندس دور جي پڄاڻيءَ تي ملڪ جا نقصان ٿيڻ ڪري ملڪ ۾هنگاما ٿي رهيا آهن.

هوڏانهن، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني ۽ پنهنجي گهر کان احتساب جي شروعات ڪرڻ جا اعلان ڪندڙ وزير اعظم سميت سندن ڪيترن ئي وزيرن تي مختلف ڏوهن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن يا کين عدالتن کان سزائون پڻ ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جهانگير خان ترين، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ، سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جو ميمبر عمران شاهه ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ عدالتن مان يا ته سزائون کائي چڪا آهن يا انهن تي سنگين ڏوهن جا ڪيس مڪمل ٿيڻ وارا آهن. جنهن موجب، تازوسائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ، اعظم خان سواتي تي اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ هڪ غريب پاڙيسري خاندان جي گهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوري خاندان کي جيلن ۾ بند ڪرائڻ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي وزير اعظم جي ذريعي زوري بدلي ڪرائڻ جا ڪيس پڻ هلي رهيا آهن.

ٻئي پاسي،   تبديلي واري سرڪار جي روز تبديل ٿيندڙ سرسبز قدمن  تي پوري دنيا ۾دلچسپ ۽ اڻ وڻندڙ بحث پڻ ٿي رهيا آهن.  اسان جي سڀيتا واري مانائتي ملڪ ۾تبديلي واري سرڪار جي دور ۾ خاص طور تي ڌرڻا هڻڻ ۽ ملڪ ۽ شهرين جي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ واري صنعت تمام گهڻو ترقي ڪئي آهي. انهيءَ جڳ مشهور ڪارپوريٽ برانڊ تي يقينن اسان جي ملڪ جي هڪ سياسي جماعت جي عمراني ايجاد قرار ڏئي سگهجي ٿو. جنهن جي برانڊنگ ، مقبوليت ۽ حاصلات جا جوهر اسان جي ملڪ ۾ چٽي نموني ڏسي سگهجن ٿا.

يقينن،  اسان جي پياري ۽ جوهر شناس ملڪ ۾ جمهوري ۽ پارلياماني  سياست ۾ اهو عجب لقاءُ نروار ٿيو جو ڪرڪيٽ واري دنيا جو  سدابهار ۽ سدا جوان رانديگر، ڌرڻا هڻي وڃي منزل ماڻي ۽ آخرڪار وزير اعظم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهي تبديلي کي کڻي هيئن به چئجي ته، ملڪ ۾ ڌرڻن ذريعي مشهوري ۽ مقبوليت حاصل ڪندڙ عمران خان اهو واحد اڳواڻ آهي جنهن جي مقبوليت، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ واري قومي ٽيم جي سندس ڪپتاني کان به وڌيڪ، ڌرڻن جي ڪپتاني ڪرڻ جي شهرت کيس دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ ڪامياب ڌرڻن ۽ من گهرين شرطن کي مڃرائڻ لاءِ ڪپتان خان يقينن، دنيا جي سڀ کان وڏي ڌرڻا برانڊ متعارف ڪرايو جيڪو دنيا جي مشهور مارڪيٽنگ ۽ منافع بخش برانڊز طور رجسٽر ٿي چڪو آهي.

بيشڪ ! اسان جي ملڪ جي سياست ۾  هن”ولائتي ڌرڻا برانڊ “جي مشهوري ۽ طاقت يا ڏهڪاءَ سبب اڳوڻي نواز ليگ واري حڪومت ۾ عوامي جمهوريا چين جهڙي عالمي طاقت جي صدر کي پڻ پاڪستان جو پنهنجو اڳوڻو دورو روڪڻو پئجي ويو . تنهن وقت، ملڪ جي وزير اعظم ميان نواز شريف کي ملڪ جي راڄڌاني سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڦيٿا جام هڙتالن ۽ سول نافرماني واري تحريڪن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو ۽ انهن سبب وزير اعظم کي استعفيٰ ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪرڻو پيو . پر خير ٿئي سندس مخالف ڌر ۽ خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو، جنهن وزير اعظم کي استعفي ڏيڻ کان روڪي وڌو ۽ ڌرڻي وري تحريڪ جي خلاف ئي پارليامينٽ ۽ ملڪ جي عوام جو رخ موڙي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ هر قسم جي بحرانن باوجود سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ عام چونڊن ۾ عزت سان هارائي ويئي. اهڙي ريت تحريڪ انصاف واري هيرو جماعت پڻ عوام ۾ ڏٺي ٿي پئي ۽ انهن ئي چونڊن ۾ هو پڻ پنهنجي مقبوليت ثابت نه ڪري سگهي ۽ ٽيڪ جي آڌار تي ٽوٽا ۽ ٽڪرا جوڙي حڪومت هٿ ڪري سگهي. ٻنهي جماعتن جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي پڌري ٿيڻ تي هو عوام جي پڪڙ ۾ ضرور آيا آهن پر کين بچائڻ وارا وقت تي پهچي ويا ۽ راند جو فائنل ڪجهه سال اڳتي تائين وڌايو ويو آهي.

يقينن !، دنيا جون عالمي طاقتون پڻ حيران هونديون ته هو اجايو موتمار هٿيار،ايٽم بم ۽ ميزائل ۽ جنگي جهاز ۽ ٽينڪن ۽ لکين فوجي جٿن تي ڳرا خرچ ڪري قرضي ٿي ويا آهن ۽ هوپٺتي پيل قدرتي خزانن سان مالامال غريب  ملڪن ۽ انهن جي مال دولت تي قبضا ڪرڻ لاءِ اجايو جنگون ڪندا رهيا. عالمي جنگين جو شڪار ٿيڻ ڪري جنگين ۾ شريڪ ملڪ، پنهنجا شهري پڻ لکن جي تعداد ۾ مارائي چڪا آهن پر کين ڪابه هڙ حاصل نه ٿي سگهي.جيئن هنن کي افغانستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ نيو يارڪ شهر ۾ٻن ورلڊ ٽريڊ ٽاورن سان جهازن جي ٽڪرائجڻ جو انتظار ڪرڻو پيو ۽ انهيءَ سانحي ۾ هزارين آمريڪين جي مارجڻ جو صدمو پڻ برداشت ڪرڻو پيو.

ٻئي پاسي، دنيا جي هڪ ريٽائر رانديگر  ذريعي ٿيل جديد رٿا بندي ذريعي هيڏي وڏي ملڪ تي ڌرڻا جٿن جي ذريعي آساني سان قبضو ٿي وڃڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. انهي ذهانت واري ڪارگذاري تي يقينن، ڪنهن رانديگر جي جواني جيتري عمر ته ضرور لڳي هوندي پر انهي هيڏي وڏي ڪارنامي ڪرڻ لاءِ خرچ يا سيڙپڪاري ۾صرف ڪجهه مڻ بادام ۽ اخروٽن کي پنهنجي جان، مال ۽ جوس جي قرباني ڏيڻي پئي هوندي. جنهن جي عيوض لکين ايڪڙ زرخيز زمينن ۽ درياهن وارو ملڪ مفت ۾ ملي ويو. !!.. ؟.اهڙي صورتحال ۾ سهڻي سنڌي ۾ چوندا آهن ته،   ” سائين! جتي لوڀي هوندا، اتي ٺوڳي (ٺڳ) ڪڏهن به بک ناهن مرندا “! ..واهه سائين واهه.

يقينن،  ملڪ ۾ڌرڻا هڻڻ ۽ جلسا ۽ جلوس ڪرڻ وارو ڪاروبار جيئن ته روڊن، رستن ۽ کلئي ميدانن ۾ ٿيندو آهي ۽ انهن سرگرمين جي ڪري هڪ ئي وقت ۾ هزارين ۽ لکين ماڻهن کي روزگار پڻ هڪ وقت ۾ ملي ويندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته شارٽ ڪٽ واري نئين پاليسي واري ڊريڪولا ول چوٽ چڙهڻ تي دنيا حيران ۽ پريشان آهي ته ، اسان جي ملڪ ۾ اها ڪهڙي سرڪار آئي آهي جيڪا پنهنجي ئي مٿي ۾ ڪهاڙا هڻي آپگهاتي عيد ملهائي رهي آهي.

بيشڪ !، ملڪ ۾ ڌرڻن ۽ جلسن، جلوسن واري صنعت جي فروغ يا وڌائڻ ۾ هڪ ته ڪنهن به ڌر کي ليڪا ڪڍي انهي صنتعت لڳائڻ لاءِ ڪنهن به جاءِ تي ڪو پلاٽ مهيا ڪرڻ ۽ بجلي يا پاڻي جا ڪنيڪشن جاري ڪرڻا نٿا پون ۽ ٻيو ته ڌرڻن ۽ جلوسن وارن ورڪرن ۽ خدمتگار مخلوق کي ڪو معاوضو، روزگار يا نوڪري جو آرڊر ۽ پگهارن جا پيڪج جاري ڪرڻ جي ڪا ضرورت ٿئي ٿي. جو پاڻ ئي مڙس ماڻهو هوندا آهن، لٺيون کڻي جتي چاهي اتي ويهي رهن ۽ اتي ئي پنهنجو گلشن آباد ڪري ويهي رهن……. ته اهي پنهنجو وقت پورو ٿيڻ تي اٿن ته ڀلي، نه ته ٻيو ڪوبه کين اتان اٿاري نه ٿو سگهي. يعني، هو پاڻ خودڪار روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ واري صنعت ئي هوندا آهن،  جنهن ۾ سرڪار يا ٻئي ڪنهن نجي سيڙپڪار يا ڪنهن اي ٽي ايم کي تڪليف ڏيڻ جي ڪابه ضرورت  نه ٿي پوي.

هوڏانهن،  اسان جي تبديلي واري سرڪار ، نئين پاڪستان واري رٿا تحت بلڪل نئين انداز ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، سرڪار کي سندس سموري بزنس ۽ ڪاروبار ۾ بچت پاليسي ۽ ملڪ جو خزانو بچائڻ جو خاص ڳڻتي رهي ٿي. حڪومت کي سرڪاري خرچ سان ڪا به رٿا شروع ڪرڻ بابت ٺيڪن جي نيلامي جا ٽينڊر نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ مهانگا اشتهار شائع ڪرائڻ  جي پڻ ضرورت نه ٿي پوي ۽ خرچن جي پڻ بچت ٿيو پوي. جڏهن ته، ملڪ ۾  اهي سڀ ڪارناما سندن، اڳواڻن جي اک جي اشارن يا سندن اڇلايل گگلي يا فاسٽ بالنگ مان ئي سمجهيو وٺن ته، مالڪن جا پيغام جاري ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ڪا دير ناهي ڪرڻي ۽ مملڪت خداداد ۾ نڪري پوڻو آهي ۽  بنا دير ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي روڊ ، رستا، ميدان ۽ چوڪ ۽ ڊي چوڪ آباد ڪرڻا آهن !!  ؟.

بيشڪ !  ملڪ ۾ڌرڻا هڻڻ ۽ جلسا ۽ جلوس ڪرڻ وارو ڪاروباري سرگرمين جي ڪري هڪ ئي وقت ۾ هزارين ۽ لکين ماڻهن کي روزگار پڻ هڪ وقت ۾ ملي ويندو آهي. ڌرڻن واري خدمت دوران، سرڪار پڻ تمام گهڻو ڪشادهه دلي سان ڌرڻا هڻندڙ فرمانبردار ورڪرن جي سار سنڀال لهڻ  ۽ کين ڪنٽينرن جي سپلاءِ سان گڏوگڏ گرما گرم برياني ۽ ٻي هر قسم جي کاڌ ۽ خوراڪ پهچائڻ جو پڻ واعدا جيئن ته اڳ ئي ڪري چڪي آهي ۽ سرڪار نامدارجو وزير اعظم۽ ڪيترا ئي وفاقي ۽ صوبن جا وزير پڻ ٽي وي چينلن ۽ ميڊيا تي آن ريڪارڊ ڪيل انهن واعدن کي ضرور پورو ڪري رهيا هوندا، جو هن کان اڳ ئي هو يوٽرن واري سرڪار طور مشهوري ڪري تمام گهڻو بدنام ٿيڻ سبب اڳ ئي طعنن جو شڪار آهن.  انهي ڪري قوم ۽ ملڪ لاءِ ٻيو ڪو فلاحي ڪم هو نه به ڪري سگهن ته به  ڪنٽينر، برياني ۽ جوس ۽ پاڻي پهچائڻ واري پنهنجي ايماني واعدي کي هر قيمت تي پابندي سان پورو ڪري ۽ پنهنجو تبديلي وارو فرض نڀائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا هوندا . شاباس ڪپتان سرڪار ،   اسان کي توهان مان ٻيون اميدون به ڀلا ڪهڙيون هيون !.؟.  واهه سائين واهه .

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے