13 جمعرات , دسمبر 2018

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت مهذب ۽ احترام ڏياريندڙ خيال ۽ تصور واري هن ڏينهن کي پڪ سان دنيا جون سڀ قومون، نسل، گروهه ۽ ملڪ پنهنجي سموري تونائي سان ملهائيندا ۽ اهو وچن ڪندا ته اڄ جي ٻرندڙ دنيا ۾ وري اها سهپ، رواداري بردباري ۽ درگذر ڪرڻ واري خصلت ڪيئن موٽائجي.

ڏٺو وڃي ته مجموعي طور انسان ذات لاءِ ان نعري کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نعرو ٿي سگهي ٿو، جيڪو ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهي ؟. اڄ جي دنيا واڪا ڪري هڪٻئي کي چئي رهي آهي ته ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ اها سهپ جي دانهن آهي جيڪا انسان ذات جي زبان تي آهي، اڄ جو انسان جنهن عذاب جي ماحول ۾ جي رهيو آهي، ان جو بنيادي سبب ئي اڻ سهپ آهي، جيتوڻيڪ انسان ذات جي اهميت ۽ سڃاڻپ جو بنياد ئي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ، هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ آهي.

انسان جي اعليٰ فضيلت پاڻ کي ڏک ڏئي به ٻئي کي سکي رکڻ آهي، جيڪو شخص ٻئي کي سکي ڏسڻ جي سهپ نه ٿو رکي اهو پاڻ ڪڏهن به سکي گذاري سگهندو اهو ممڪن نه آهي.

اڄ جي سڌريل دنيا جا ڪيترا پاسا اڻ سڌريل آهن، انهن تي ڳالهائڻ گهرجي ۽ جڏهن انهن تي ڳالهائجي ٿو ته قومون ۽ ملڪ پنهنجي سهپ وڃائي ويهن ٿا، صدين کان ائين ٿيندو آيو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو، جيڪڏهن اڄوڪو انسان پنهنجي بنيادي انساني سڃاڻپ يعني سهپ / رواداري / برداشت مان هٿ نه ڪڍي ها ته ڪڏهن کيس هيٿار ٺاهڻ هي گهرج نه پوي ها، اڄ جي ائيٽم ۽ نيوٽرام کان وڌيڪ خوفناڪ هٿيار، جن دنيا جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، انهن انسان ذات کي اندران اندران هڪ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، انسان جون اُهي بنيادي فضيلتون، عدل، انصاف، رواداري، ڏک سک ۾ ڪم اچڻ، پاڻ کي ڏکيو ڪري ٻين کي سکيو رکڻ وارو ڀائچارو، اڄ جي اڻ سهپ واري آڳ ۾ ٻري رهيو آهي ۽ ان آڳ جي لهس سموري انسان ذات محسوس ڪري رهي آهي.

سنڌ جيئن ته انساني تهذيبي ارتقا سان جڙيل رهي آهي، ان ڪري فطري طور ان اڻ سهپ واري مزاج جا اثر سنڌ ۽ سنڌين تي به پيا آهن، اڄ جو ماڻهو خاص طور سنڌي ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن کان ٿيندو پنهنجي وڏي ڏاڏي آدم عليه تائين جون پنهنجو انساني فضيلتون وڃائيندو رهيو آهي، هو ٻاهران ٻاهران ڪجهه بڻجڻ جي حوس ۾ اندران انوارن ڀڄي ڀورَ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب هن لاءِ ڪا به انساني فضيلت ٻئي درجي جي ٿي رهي اهي، پهرئين درجي تي سندس سنساري سک آهن ۽ هو انهن تان پنهنجي اصلي سڃاڻپ ”ماڻهپو“ به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ٻاهران جو سنسار سکي ڏسڻ جي خواهش رکندڙ ملڪ توڻي ماڻهو پنهنجي اصلت يا ان اصليت جو بنياد وساري ويٺا آهن، اڄ اُسريل دنيا جا ماڻهو انساني قدرن جي ڳالهه هڪ پاسي ڪري رهيا آهن ته انساني قدرن جي ڀڃڪڙي ٻئي پاسي ڪري رهيا آهن، انسان جي عظمت جا نعرا هڻندڙ ايتري سنساري ترقي ڪري چڪا آهن جو انسان هاڻ سندن ڪم جو نه رهيو آهي. جنهن جو عملي روپ اهو آهي ته هو ٻلي يا ڪتو ته گهر ۾ فخر سان پالي رهيا آهن پر پنهنجن پوڙهن امڙ ۽ ابي کي انسان جي چڱائيءَ ۾ ايمان رکندي، ٻُڍا گهرن ۾ ڇڏي اچن ٿا. ان مان سمجهڻ گهرجي ته انسانيت جا نعرا هڻندڙ، سهپ ۽ رواداريءَ جي دعويداري ڪندڙ جيڪڏهن انساني ناتي پنهنجي انساني سهپ ۽ رواداريءَ جو مان رکندي پنهنجي ماءُ پيءُ کي گهر ۾ برداشت نٿا ڪري سگهن ته انهن مان باقي انسانيت جي چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.

سچ پچ اڄ جي صورتحال ۾ سهپ يا برداشت الهامي آواز آهي، جنهن کي ڪَنائڻ گهرجي۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ڇا ڪاڻ ته اڄ اسان سڀ ان آواز کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ئي ڪي کڻ سهپ، رواداري ۽ برداشت ڌاري سگهياسين ته لک کٽاسين.

ٻئي پاسي دنيا باروڊ جي ڍڳ تي بيٺي آهي ۽ ان کي برباد ڪرڻ يا خاڪ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي. انسان ذات پنهنجو پاڻ ئي آرام کي هڪ خاڪ جي ڍير ۾ تبڊيل ٿي ويندي ۽ ڪنهن به آواز ٻڌڻ لائق نه رهندي ۽ پوءِ نه کيس ڪنهن سهپ جي گهرج پوندي نه ڪنهن رواداريءَ جي ڇا ڪاڻ ته اهي سڀ اپاءَ زندگيءَ کي سٺو، سهڻو ۽ سهنجو بڻائڻ لاءِ آهن نه ڪي دنيا کي جهنم بڻائڻ لاءِ آهن، ان ڪري سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ کان پهريان اڄ جي انسان لاءِ لازمي آهي ته هن دنيا جيڪا کيس پهريون ۽ آخري ڀيرو نصيب ٿي آهي، ان کي پنهنجي جنت سمجهي سهڻو بڻائي ۽ ان لاءِ شرط فقط اهو آهي ته جيئن ٻيا کيس برداشت ڪري رهيا آهن تيئن کيس به ٻين کي برداشت ڪرڻو پوندو، ائين ڪرڻ سان هيءَ دنيا سهڻي ٿي پوندي، ڇو ته ڪنهن به طرح جيئڻو ته آهي ئي، پر جيڪڏهن ميٺ محبت سان پيار سان، امن سان جيئبو ته اهو بهتر آهي.

هيءَ دنيا جهڙي ڀي آهي.

پوءِ به جاءِ جيئڻ جي آهي.

۽ جيئڻ جي جاءِ کي پنهنجي انساني سڀاءُ موجب جيڪڏهن باغ بهار بڻائي جيئون ٿا ته جهان جي سونهن ۾ انسان جي سُلڇڻائي ۾ واڌارو ٿيندو، جيڪو اڄ جي انسان جي پهرين گهرج آهي. ان ڪري اسان سڀني کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سڀاڻي اهڙو ڏينهن آهي، جيڪو انسانيت جي اصلي سڃاڻپ ڏيکارڻ جي حوالي ۾ ملهايو پيو وڃي، تنهن ڪري جيڪڏهن اسان سڀ سُڀاڻي پنهنجي سهپ ۽ رواداريءَ کي قائم رکي سگهياسين ته پڪ سان اسانجو ايندڙ ڏينهن، پنهنجا نوان رنگ کڻي ايندو جيڪي رنگ ئي اسان جي سڃاڻپ ڪرائيندا ته اسين انسانيت جي سٺائيءَ ۾ ڪيترو يقين رکون ٿا.

سنڌ جي سچيت ذهنن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن هُنن جيءَ ۾ جهاتي پائي پاڻ هڪ ڏينهن لاءِ ئي پنهنجي من کي ماري ميڻ ڪيو ته ٻئي ڏينهن سندن محبوب ماڻهپو سندن من آڳر ۾ مرڪندو نظر ايندو.

خميس 15 نومبر 2018ع، 6 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے