13 جمعرات , دسمبر 2018

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام دريافت ڪيو آهي جيڪو آسان کي گهڻين بيمارين کان بچائي سگهي ٿو. جڏهن ته انساني جسم ۾ حلقي طور تي گهڻا اندروني دفاعي نظام هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترائي اڃاتائين راز جي صورت ۾ موجود آهن، انهن کي انساني جسم جو سپاهي چيو ويندو آهي جيڪو خاموشي سان بيمارين سان وڙهندو آهي، ماهرن چيو آهي ته جئين ڪو جراثيم نڪ جي ذريعي جسم جي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشس ڪندو آهي ته نڪ ۾ هوا گذرڻ جي پوري رستي جهڙا ئي بيڪٽريا ۽ جراثيم داخل ٿيندا آهن ان جي رد عمل ۾ خليات ننڍي ننڍي ٿيهلي نما شيون خارج ڪندا آهن، ان ٿيهلي نما ماليڪيڳولز ڪو“ ايگزو سومز” چيو ويندو آهي جنهن ۾ اينٽي بيڪٽيريا خواص هوندا آهن جيڪي جراثيم ٿي حملا ڪري انهن کي بي اثر ڪري ڇڏيندا آهن، انهن کان پهريان ماهرن انساني نڪ جي نمي ۾ اهڙا خليات(سيلز) دريافت ڪيا هئا جنهن ۾ خاص پروٽين هوندا آهن ۽ اهي به جراثيم خلاف آمهون سامهون هوندا آهن، هاڻي معلوم ٿيو ته انساني نڪ جي نمي پروٽين به ايگزوسوم مان ئي ايندا آهن پر هي اڃاتائين هڪ راز هئا، ان لاءِ مختلف ماڻهن جي نڪ مان نمي لاءِ ڪيل تجربي گاهه ۾ ان جي خليات جي پرورش ڪئي ته جئين بعد ۾ ان جراثيم جي سامهون ڪري ان پوري عمل کي سمجهي سگهجي، ان دوران انساني نڪ جي نمي موجود خليات کي رکيو ويو ۽ جراثيم جو حملو  ڪرائي ان  سان ايگزوسوم جي خرچ کي نوٽ ڪيو ويو . جاچ مان معلوم ٿيو ته جئين خليات ۽ بيڪٽيريا سامهون ٿيا ته ايگزوسوم جو تعداد ٻيڻو ٿي ويو، ايندڙ مرحلي  تي ماهرن اهو ڄاڻي حيران ٿي ويا ته ايگزوسومز گهڻي تيزي سان جراثيم ۽ بيڪٽيريا کي ائين ختم ڪيو جئين اينٽي بايوٽڪس دوائون جراثيمن کي ختم ڪنديون آهن، اهڙي طرح انساني نڪ ۾ اينٽي بايوٽڪس جو پورو نظام موجود آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے